فرانس جي شهر ليموج ۾ نقاب پوش مظاهرين 143 سال پراڻي تاريخي ٽائون هال کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب عمارت جي ڇت ڪري پئي.
مارسيلي شهر ۾ مظاهرين سٽي هال ۾ گهڙي مجسمو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ فرنيچر ڀڃي ڇڏيو، جڏهن ته ليل شهر ۾ ميئر جي آفيس ۾ پڻ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي.
پيرس سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرين ۽ پوليس آمهون سامهون ٿي ويا. پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ پاڻيءَ جون توپون استعمال ڪيون.
احتجاج مهانگائي، حڪومتي پاليسين ۽ پوليس جي مبينا تشدد خلاف ڪيا ويا. فرانس جي وزيراعظم موجب، سڄي ملڪ ۾ 1200 کان وڌيڪ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 150 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا.
