رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي راڄڌاني رياض جي بين الاقوامي ايئرپورٽ تي حوثين جي حملي کانپوءِ سعودي انٽرنيشنل گالف ٽورنامينٽ ايندڙ اعلان تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، ايشيائي گالف ٽور انتظاميا اعلان ڪيو آهي ته ٽورنامينٽ 18 کان 21 نومبر تائين رياض گالف ڪلب ۾ ٿيڻي هئي ، پر ان جي نئين تاريخ جو اڃا اعلان ناهي ڪيو ويو.
ايشيائي گالف ٽور جي بيان موجب، ٽورنامينٽ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو انتظامي ۽ رسدي معاملن جو جائزو وٺڻ ۽ مقابلي جا عالمي معيار برقرار رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويجهڙائي وارن هفتن دوران حوثين سعودي عرب جي ايئرپورٽن، بندرگاهن ۽ تيل ٿاڪن کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرون حملن جو نشانو بڻايو آهي.
رپورٽ موجب، گذريل هفتي رياض ۾ ٿيل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.
واضح رهي ته سعودي پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جي سرپرستيءَ هيٺ ٿيندڙ هن ٽورنامينٽ جي مجموعي انعامي رقم 50 لک ڊالر آهي، ايشيائي گالف ٽور جي چيئرمين چو من ٿانٽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته رانديگر مستقبل ۾ رياض ۾ ٿيندڙ هن ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪري سگهندا.
رياض ايئرپورٽ تي حوثين جي حملي کانپوءِ سعودي انٽرنيشنل گالف ٽورنامينٽ ملتوي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
