لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران شاگردن تعليمي مسئلن ۽ بلوچستان جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي لياقت بلوچ چيو ته عوامي راءِ سان حاصل ڪيل اختيارن جو هٿرادو ڏيکاءُ بلوچستان ۾ بحرانن کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته بلوچستان جا مسئلا سياسي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. بلوچستان جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون کين تمام گهڻا پيارا آهن، سندن عزت ۽ قدر ڪرڻ قومي گهرج آهي.
