ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي تاريخي وطن واپسيءَ دوران ڪراچيءَ جي ڪارساز واري هنڌ ٿيل آپگهاتي حملي کي 19 سال مڪمل ٿي ويا.
ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تشدد ۽ انتهاپسندي جمهوريت لاءِ جدوجهد کي روڪي نٿا سگهن. جيالن پنهنجيون جانيون قربان ڪري بينظير ڀٽو جي حفاظت ڪئي.
هن چيو ته شهيدن کي ياد ڪرڻ جمهوريت ۽ قربانيءَ واري عهد جي تجديد آهي. آئين جي بالادستي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي.
هوڏانهن ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي اوڀر ضلعي پاران ڪوٺايل دعائيه تقريب کي خطاب ڪندي وقار مهدي چيو ته بينظير ڀٽو ڪنهن به ڌمڪيءَ جي پرواهه نه ڪئي ۽ وطن واپس آئي
