اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بابت حڪومتي موقف بي بنياد آهي، ان جو اصل مقصد صوبي جي معدنيات تي قبضو ڪرڻ آهي.
پارٽيءَ جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته موجوده صورتحال بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس سڏايو وڃي.
هن واضح ڪيو ته ڪي پي ۾ ٺهندڙ عبوري ڪائونسل ۾ جي يو آءِ جو ڪو به ميمبر شامل نه ٿيندو.
هن چيو ته هن وقت سگهارين ڌرين جي چوڻ تي طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي. صدر آئيني گهرجون پوريون نه ڪيون، اسان حڪومت ۾ هوندي به اختلاف ڪيو ۽ مخالف ڌر ۾ هوندي به اتفاق ڪيو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ سياسي ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿي، حڪومتي پاليسين تي خدشا هجن ته الزام تراشين بدران سياسي انداز ۾ جواب ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايتون آهن ته پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس سڏائي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.
هن ڪي پي ۾ گورنر راڄ کي رد ڪندي چيو ته ان لاءِ پيش ڪيل حڪومتي موقف بي بنياد آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪيترائي آپريشن ڪيا ويا، پر انهن جا نتيجا ڪهڙا نڪتا؟ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت فاٽا کي صوبي ۾ ضم ڪيو، پر اڄ ساڳي جماعت اڳوڻي فاٽا کي مرڪز حوالي ڪري چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ جي نظر ۾ اهو سڀ ڪجهه صوبي جي معدنيات تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته اقتدار ۾ تبديلي آڻڻ يا ڪنهن کي هٽائڻ ۽ ويهارڻ جو عمل طاقت بدران آئين موجب ٿيڻ گهرجي.
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي دور ۾ به گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو هو، پر ڇا ان وقت ان کي قبول ڪيو ويو؟
هن الزام هنيو ته صدر اطمينان کانسواءِ صحيحون ڪري آئيني گهرج جي ڀڃڪڙي ڪئي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪا هڪ طاقت سڄي قوم جي مفادن جي ترجماني نٿي ڪري سگهي.
هن چيوته اڄ ايشيا ٻيهر عالمي معيشت جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، تنهن ڪري مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي ٺاهڻ گهرجي.
هن اسلامي دنيا جو هڪ اثرائتو بلاڪ قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسلامي ڪانفرنس جو موجوده بلاڪ غير اثرائتو آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب تي حوثين جا حملا مسلم اتحاد کي روڪڻ جي ڪوشش آهن.
دهشتگرديءَ بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سندن جماعت به دهشتگرديءَ سبب ڏيڍ سئو کان وڌيڪ لاش کنيا آهن، پر هنن بندوق جي سياست کي رد ڪيو.
هن چيو ته پرويز مشرف نئون نظام متعارف ڪرايو، جيڪو ناڪام ٿيو، ان وقت پوليس کي انتظاميا کان الڳ ڪيو ويو، پوءِ اهو نظام واپس وٺڻ جون ڳالهيون ٿيون، پر هاڻي 25 سالن کانپوءِ وري ساڳيو نظام بحال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي.
فاٽا جي انضمام بابت مولانا فضل الرحمان چيو ته سندن جماعت ان وقت به وسيع مشاورت جو مطالبو ڪيو هو، پر فيصلو فاٽا جي ماڻهن تي مڙهيو ويو.
هن دعويٰ ڪئي ته جن ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، اتي فاٽا جي معززن سان ملاقاتن دوران انضمام جي ناڪاميءَ بابت اتفاق ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرداري سان اڳ به احترام جو رشتو هو ۽ اڄ به آهي.
هن اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير ڪولن پاول جي حوالي سان چيو ته فاٽا ۾ فوج موڪلڻ جي تجويز آمريڪا ڏني هئي.
هن وڌيڪ چيو ته کين سيڙپڪاريءَ تي اعتراض ناهي، پر سوال اهو آهي ته صرف آمريڪا ئي ان ۾ دلچسپي ڇو وٺي رهيو آهي؟ اهي معاملا قوم جي سامهون آندا وڃن.
مولانا فضل الرحمان اعلان ڪيو ته فاٽا جرڳو سڏايو پيو وڃي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ شاگرد ڪنوينشن پڻ ڪوٺايو ويندو. هن چيو ته 26 نومبر تي سرگوڌا ۾ عوامي جلسو ڪيو ويندو.
هن ٻڌايو ته مجلسِ شوريٰ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سندن جماعت 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن جي نتيجن کي تسليم نٿي ڪري.
هن وڌيڪ چيو ته هو ڪنهن کان به حب الوطنيءَ جو سرٽيفڪيٽ نٿا گهرن، ڇاڪاڻ ته هنن پارليامينٽ ۾ حلف کنيو آهي ۽ ان جو ڀرم رکندا.
صدر زرداري آئيني گهرجون پوريون نه ڪيون، فيصلا طاقت جي زور تي نه آئين موجب ٿيڻ گهرجن: مولانا فضل الرحمان
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
