مضبوط، سهڻا، نرم ۽ چمڪندڙ وار هر ڪنهن جي خواهش هوندا آهن، پر اُس، گدلاڻ، موسم جي ڦيرڦار ۽ وارن کي سينگارڻ وارين شين جي گهڻي استعمال سبب وار سڪي، بي رونق ۽ کهرا ٿي سگهن ٿا.
وارن جي سٺي سار سنڀال لاءِ مختلف قدرتي تيل استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي وارن ۾ آلاڻ برقرار رکڻ، خشڪي گهٽائڻ ۽ انهن کي نرم بڻائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا.
اڄ اسان ڪجهه اهڙا قدرتي تيل آندا آهن جيڪي وارن جي صحت، مضبوطي توڙي خوبصورتي لاءِ بهترين آهن، بنا دير جي انهن تيلن بابت ٻڌايون ٿا، اهي تيل عورتن لاءِ خاص ڪري ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن
ناريل جو تيل
ناريل جو تيل وارن جي سار سنڀال لاءِ عام طور استعمال ٿيندو آهي. اهو وارن جي مضبوطي، چمڪ ۽ خوبصورتي وڌائي ٿو ۽ انهن مان پروٽين جي کوٽ گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ايووڪاڊو جو تيل
ايووڪاڊو جو تيل وارن جي بناوت سڌارڻ ۽ کهرن وارن کي نرم ۽ ملائم رکڻ لاءِ تمام بهترين ثابت ٿيندو آهي.
زيتون جو تيل
زيتون جو تيل وارن جي خشڪي گهٽائڻ سان گڏ انهن کي قدرتي چمڪ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. خاص طور تي سڪل وارن لاءِ اهو فائديمند آهي.
ايرنڊي جو تيل
ايرنڊي جو تيل، جنهن کي ڪيسٽر آئل به چيو ويندو آهي، وارن جي قدرتي چمڪ ۽ نرمي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. تنهن هوندي به، اهو ئي تيل نوان وار ڦٽائڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.
جوجوبا جو تيل
جوجوبا جو تيل وارن ۽ مٿي جي کل ۾ تازگي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ان جي استعمال سان وارن جي خشڪي ۽ کهراڻ گهٽجندي آهي.
بادام جو تيل
بادام جي تيل ۾ غذائي جزا ۽ چرٻيءَ وارا مادا موجود هوندا آهن، جيڪي وارن کي نرم، ريشمي ۽ سنوارڻ ۾ سولو بڻائڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
ارگن جو تيل
ارگن جو تيل وارن جي مضبوطي برقرار رکڻ ۽ سندن چمڪ وڌائڻ لاءِ مشهور آهي. اهو وارن جي ڦاسڻ ۽ کهراڻ گهٽائڻ ۾ پڻ مددگار ٿيئي ٿو.
تيل استعمال ڪرڻ وقت ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکجي؟
ماهرن موجب، تيل جو چونڊ وارن جي قسم کي نظر ۾ رکي ڪرڻ گهرجي. شروعات ۾ تيل جو ٿورو مقدار استعمال ڪريو ۽ جيڪڏهن مٿي جي کل حساس هجي ته پهرين ٿوري حصي تي لڳائي آزمائي ڏسو.
اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته قدرتي تيل ڀلي پَڪ سان گنجائپ جو علاج نه هجن پر اهي وارن کي نرم ۽ چمڪدار بڻائڻ ۾ مددگار ضرور هوندا آهن.
