ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ذوالفقار ڀٽو جونيئر، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اختلافِ راءِ رکڻ ڪو ڏوهه ناهي.
جاري ڪيل بيان ۾ ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته ڪنهن به اداري کي انهن ماڻهن کي ڊيڄارڻ، هيسائڻ يا دٻاءَ ۾ آڻڻ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجن اصولن تي قائم آهن ۽ عوام جي حقن لاءِ پرامن جدوجهد ڪن ٿا.
واضح رهي ته نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) آن لائن بدناميءَ بابت شڪايت جي جاچ جي سلسلي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاهه کي طلب ڪيو ويو آهي.
اين سي سي آءِ اي ڪراچي طرفان سيد زين شاهه کي 22 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي.
ايس يو پي فيصلو ڪيو آهي ته سيد زين شاهه ذاتي حيثيت ۾ پيش نه ٿيندو، پر سندس جاءِ تي وڪيل پيش ٿيندا.
اختلافِ راءِ ڏوهه ناهي، سيد زين شاهه خلاف سياسي انتقام جي مذمت ڪيان ٿو: جونيئر ذوالفقار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
