ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا شبانا اعظمي چيو آهي ته هوءَ مسلمان آهي، پر باقاعدگيءَ سان نماز ادا نٿي ڪري.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، شاعر فلمي اسڪرين رائيٽر جاويد اختر جي گهرواري شبانا اعظمي هڪ تازي پوڊڪاسٽ دوران مذهب سان پنهنجي لاڳاپي بابت خيالن جو اظهار ڪيو.
شبانـا اعظمي چيو ته هوءَ مسلمان آهي ۽ ثقافتي طور عيد، طعامن ۽ اردو ٻوليءَ سان محبت ڪري ٿي، پر سندس مذهب سان گهرو عملي لاڳاپو نه رهيو آهي ۽ نه ئي هوءَ باقاعدگيءَ سان نماز پڙهي ٿي.
پنهنجي مڙس جاويد اختر بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جاويد خدا ۽ مذهب تي يقين نٿو رکي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو عبادت ڪرڻ سان سڪون محسوس ڪري ٿو ته ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي.
جاويد اختر خدا ۽ مذهب کي نٿو مڃي، مان مسلمان آهيان، پر نماز نٿي پڙهان: شبانا اعظمي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
