حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي نالي تي سياست ڪندڙ پارٽيون ڪراچي ۾ مارچ کي ناڪام بڻائڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن، پر اهڙين سازشن باوجود سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ايس ٽي پي سربراهه چيو ته جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي گڏ بيٺي ته فتح يقيني ٿي ويندي. هن چيو ته سنڌ جي مسئلن تي گڏيل جدوجهد ۽ سياسي اتحاد وقت جي ضرورت آهي.
ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي گاريون ڏيڻ سان ڪاميابي حاصل نٿي ڪري سگهجي، ان لاءِ عملي جدوجهد ۽ سياسي سنجيدگي ضروري آهي.
هن چيو ته جمهوري ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ سمورين سياسي پارٽين لاءِ ڳالهين جا دروازا کليل آهن.
سنڌ جي نالي تي سياست ڪندڙ پارٽيون ڪراچي مارچ ناڪام بڻائڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن: قادر مگسي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
