ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف سان ملاقات دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اربع ڏينهن روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ ۾ ملاقات جي شروعات دوران پيوٽن چيو ته و اولهه ايشيا جي صورتحال ۽ ايران بابت آمريڪا جو موقف ڄاڻڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو.
روسي صدر ايران سان پنهنجي ملڪ جي خاص ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن جو حوالو ڏيندي چيو ته ماسڪو هن بحران جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ تي خوش ٿيندو.
يوڪرين سان جاري تڪرار جو ذڪر ڪندي پيوٽن، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان تازو ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ۽ ماسڪو ۽ ڪيف وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ ٽرمپ جي دلچسپي کي ساراهيو.
پيوٽن روسي ڊيزل آمريڪا ۽ عالمي مارڪيٽن کي فراهم ڪرڻ بابت معاهدي کي به هاڪاري قرار ڏنو ۽ آمريڪا سان اقتصادي سهڪار بحال ڪرڻ لاءِ روس جي تياري ظاهر ڪئي.
ٻئي پاسي اسٽيو وِٽڪوف ڳالهه ٻولهه دوران روسي ڊيزل جي فراهمي تي ٽرمپ طرفان پيوٽن جو ٿورو مڃڻ ۽ آمريڪا، يوڪرين ۽ روس وچ ۾ ٽه ڌري ڳالهين ٻيهر شروع ڪرڻ جي امڪانن تي ڌيان ڏنو.
رپورٽن موجب، اسٽيو وِٽڪوف هن ڀيري پيوٽن سان اڪيلي سر ملاقات ڪئي، گذريل ٻن ملاقاتن ۾ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر به ساڻس گڏ هو، پر بيماري سبب هن ڀيري ملاقات ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو.
روس آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ مدد ڪرڻ تي تيار آهي: پيوٽن
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
