ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ميگا اسٽار اميتاڀ بچن سوشل ميڊيا ۽ پنهنجي بلاگ تي اپڊيٽس ڏيڻ کان عارضي وقفو وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب، 84 ورهين جي اميتاڀ بچن چيو آهي ته ڊاڪٽرن کيس مڪمل ۽ پرسڪون آرام ڪرڻ جي سخت هدايت ڪئي آهي.
سندس مداحن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن اداڪار کي في الحال رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه کان به پري رهڻ جو مشورو ڏنو آهي.
اميتاڀ بچن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي مداحن کي مذهبي تهوار جون مبارڪون ڏيندي باقاعدگي سان لکڻ کان لاچار رهڻ تي معذرت به ڪئي، پر هن پنهنجي طبي وقفي يا بيماري بابت وڌيڪ تفصيل نه ڏنا.
اداڪار جي اعلان کانپوءِ مداحن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته سندس جلد صحتيابي لاءِ دعائون پڻ ڪيون پيون وڃن.
ٻئي پاسي، اميتاڀ بچن جي سوشل ميڊيا کان دوري کي احتياطي قدم طور به ڏٺو پيو وڃي.
رپورٽن موجب، اداڪار ٽائيگر شروف تي فائرنگ واري واقعي جي جاچ دوران اهو معاملو سامهون آيو هو ته جوابدارن عامر خان، اڪشي ڪمار ۽ اميتاڀ بچن جي رهائشن جي تاڙ ڪئي هئي.
پوليس ان ڳالهه جي جاچ ڪري رهي آهي ته جوابدارن تاڙ دوران ٺاهيل تصويرون ۽ وڊيوز گينگسٽر انيل پنڊت ڏانهن موڪليون هيون يا نه؟ جنهن جا مبينا طور لارنس بشنوئي گينگ سان لاڳاپا ٻڌايا وڃن ٿا.
ٽائيگر شروف تي حملي کانپوءِ اميتاڀ بچن جو وارو؟
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
