ڀارتي ڳائڻي نيها ڪڪڙ جو چوڻ آهي ته کيس خبر آهي ته سندس گيتن تي سماجي رابطن واري ماڳن تي ڇتي تنقيد ڪئي ويندي آهي ۽ انهن جو ٺٺوليون ڪري مذاق اڏايو ويندو آهي، پر ان هوندي به هوءَ ڄاڻي واڻي اهڙا گيت ٺاهيندي آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو انهن گيتن تي ڀرپور نموني رقص به ڪندا آهن.
پرڏيهي خابرو ادارن موجب، 38 ورهين جي ڳائڻي اداڪارا ڪرينا ڪپور خان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پنهنجي گيتن تي ٿيندڙ ٺٺولين ۽ تنقيد بابت ويچار ونڊيا. نيها ڪڪڙ جو چوڻ هو ته کيس اڳواٽ اندازو هوندو آهي ته ’بارا لڙڪي ساٿ گهومي“ جهڙا گيت جاري ڪرڻ تي مٿس تنقيد ٿيندي، پر اهڙا گيت ٺاهڻ پٺيان به هڪ خاص سبب هوندو آهي.
نيها ڪڪڙ ٻڌايو ته اهڙا گيت ماڻهن کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن ۽ دعوتن توڙي محفلن ۾ به هلايا ويندا آهن. سندس چوڻ موجب، ڪي ماڻهو هڪ پاسي انهن گيتن جي مذاق اڏائيندا آهن، ته ٻئي پاسي وري انهن ئي گيتن تي ٺاهيل وڊيوز وسيلي سماجي رابطن جي ماڳن تان وڏي انگ ۾ ڏسڻ وارا حاصل ڪندا آهن. ڳائڻي چيو ته کيس خبر آهي ته مٿس تنقيد ٿيندي، پر هوءَ اها ڳالهه به ڄاڻي ٿي ته ماڻهو سندس موسيقيءَ تي رقص ڪرڻ پسند ڪندا آهن.
