گهوٽڪي : محتسب اعلي سنڌ گهوٽڪي جي ريجنل ڊائريڪٽر فضل محمد شيخ چيو آهي ته محتسب اعلي سنڌ جو ادارو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، شهرين کي گهرجي ته سرڪاري ادارن خلاف پنهنجون شڪايتون کڻي اچن کين تڪڙو ۽ مفت انصاف فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج گهوٽڪي ۽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج گهوٽڪي جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي هن خطاب ڪندي چيو ته محتسب اعلي سنڌ جي هدايتن موجب عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪئي پئي وڃي ته محتسب اعلي سنڌ تڪڙو، مفت ۽ بغير وڪيل جي انصاف فراهم ڪندڙ ادارو آهي جيڪو عام ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ لاءِ جاکوڙي پيو. هن چيو ته جيڪڏهن عام ماڻهن جو ڪنهن سرڪاري اداري ۾ جائز ڪم نه پيو ٿئي يا بغير ڪنهن سبب جي دير ڪئي پئي وڃي ته ريجنل آفيس گهوٽڪي ۾ سادي ڪاغذ تي درخواست جمع ڪرائي سگهجي ٿي ان کان علاوه محتسب اعلي سنڌ جي ويب سائيٽ تي پڻ شڪايتون داخل ڪري سگهجن ٿيون. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اڄ جا شاگرد مستقبل جا معمار آهن، انڪري شاگردن کي گهرجي ته تعليم جي ميدان ۾ خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌن ۽ مستقبل ۾ هن قوم ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن.
