ڪراچي (رپورٽ) پاڪ سوچ ميڊيا گروپ جي چيف ايڊيٽر ذوالفقار سولنگي سنڌ اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڪاشف گلزار شيخ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي، ميڊيا ۽ صحافتي معاملن سميت ٻين لاڳاپيل موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران مختلف معاملن بابت خيالن جو اظهار ڪيو ويو.
