جيڪب آباد، (رپورٽ عامر جان)سٽيزن نيٽ ورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي (CNBA) جي ڀائيوار تنظيم پيس باءِ يوٿ جي اهتمام هيٺ جيڪب آباد ۾ هڪ ’ڪميونٽي اڪائونٽبلٽي فورم‘ (عوامي احتساب فورم) منعقد ڪيو ويو. هن فورم جو مقصد صحت، تعليم ۽ بلدياتي خدمتن جي شعبن ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي بابت شهرين جي تجربن ۽ راين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو.واضح رهي ته ’سي اين بي اي‘ (CNBA) سول سوسائٽي جي تنظيمن جو هڪ ملڪ گير نيٽ ورڪ آهي، جنهن کي ’سينٽر فار پيس اينڊ ڊولپمينٽ انيشيئيٽوز‘ (CPDI) هلائي ٿو. سي پي ڊي آءِ ان سلسلي ۾ تحقيق ڪرڻ سان گڏ فني مدد ۽ رهنمائي پڻ فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته ڀائيوار سول سوسائٽي تنظيمون (CSOs) هن نيٽ ورڪ ذريعي مقامي برادرين ۽ لاڳاپيل ڌرين کي متحرڪ ڪن ٿيون.هن فورم ۾ لاڳاپيل ڌرين، مقامي شهرين، استادن، صحت جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن، بلدياتي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندڙن حصو ورتو. شرڪت ڪندڙن کليل نموني پنهنجا تجربا بيان ڪيا، عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن تي حڪومت جي فوري توجهه جي ضرورت آهي.
فورم دوران صحت جي سهولتن جي دستيابي ۽ معيار، سرڪاري اسڪولن ۾ استادن جي حاضري ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي، پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، گندي پاڻي جي نيڪال ۽ ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ وارين خدمتن تائين رسائي جهڙن موضوعن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. ان بحث جي روشني ۾ شرڪت ڪندڙن ’ڪميونٽي اسڪور ڪارڊ‘ ذريعي انهن خدمتن جو جائزو ورتو ۽ 1 کان 5 تائين جي اسڪيل (پيماني) تي پنهنجي گڏيل راءِ قلمبند ڪئي.فورم کي خطاب ڪندي پيس باءِ يوٿ (PY) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نثار احمد چيو ته ”صحت، تعليم، صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين بنيادي عوامي سهولتن تائين رسائي هر شهري جو حق آهي. انهن خدمتن جي فراهمي ۾ شفافيت، معيار ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. عوامي وسيلن ۽ بجيٽ جو اثرائتو ۽ منصفاڻو استعمال تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن شهرين کي فيصلا سازي، نگراني ۽ احتساب جي عمل ۾ بامعنيٰ شرڪت جا موقعا فراهم ڪيا وڃن. ڪميونٽي اڪائونٽبلٽي فورم جهڙا قدم شهرين کي پنهنجا مسئلا، تجربا ۽ تجويزون سامهون آڻڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. ضروري آهي ته لاڳاپيل ادارا عوامي راين کي سنجيدگي سان وٺن، نشاندهي ڪيل مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻن ۽ شهرين کي فراهم ڪيل خدمتن جي معيار ۾ بهتري آڻين. پيس باءِ يوٿ عوامي شرڪت، بجيٽ جي شفافيت ۽ ادارتي جوابدهي جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.“
هن سرگرمي جو مقصد عوامي خدمتن جي فراهمي بابت بحث مباحثي ۾ شهرين جي تجربن کي شامل ڪرڻ ۽ لاڳاپيل سرڪاري کاتن جي توجهه طلب مسئلن کي اجاگر ڪندي احتساب جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي.
عوامي خدمتن بابت شهرين جي خدشن تي غور ويچار لاءِ جيڪب آباد ۾ ’ڪميونٽي اڪائونٽبلٽي فورم‘ جو انعقاد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
