ٽنڊوڄام (محبوب حسین بوزدار) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ڪشمير جو ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، جنهن جي سلسلي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ڪشمير مامري بابت ڄاڻ ۽ اظهار جي صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌي ۽ اردو تقريرن جا مقابلا، ۽ ”ڪشمير ۽ پاڪستان“ جي موضوع تي ڪوئز مقابلو منعقد ڪيو ويو، مقابلن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور حصو ورتو، جڏهن ته نمايان پوزيشن ماڻيندڙن ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، اسٽوڊنٽ ٽيچرز انگيجمينٽ پروگرام (اسٽيپ) جي ڊيبيٽ سوسائٽيءَ پاران ڊاڪٽر اي ايم شيخ آڊيٽوريم ۾ تقريرن جا مقابلا ڪرايا ويا، جڏهن ته فيڪلٽي آف ڪراپ پروٽيڪشن ۾ ڪوئز مقابلو منعقد ڪيو ويو، ٻنهي تقريبن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته تعليمي ادارا نوجوان نسل ۾ قومي شعور، ذميواريءَ جي احساس ۽ اهم قومي معاملن بابت آگھي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، هن ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار سان گڏ شاگردن لاءِ صحتمند ۽ مثبت غير نصابي سرگرمين جي اهميت تي پڻ زور ڏنو، اسٽيپ جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته تقريرن ۽ ڪوئز جهڙا مقابلا شاگردن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تحقيق ۽ مطالعي جي عادت کي هٿي وٺرائڻ ۽ اعتماد سان پنهنجي ڳالهه پيش ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪن ٿا، سنڌي تقريرن جي مقابلي ۾ ڪامران احمد سومري پهرين، جنيد علي سيال ٻي ۽ همٿ علي پسيو ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته اردو تقريرن جي مقابلي ۾ محمد فيصل پهرين، جواد احمد ٻي ۽ عليشبه احمد ٽين پوزيشن ماڻي، ڪوئز مقابلي ۾ ”اچيورز“ ٽيم جي شمس الدين، علي رضا ۽ معشوق پهرين پوزيشن حاصل ڪئي،”ڪاڪروچ جنتا“ ٽيم جي نير چانڊيي، فيضان ۽ جي پرڪاش ٻي، جڏهن ته ”برين پزلرز“ ٽيم جي حوريه، ايمان عباسي ۽ مريم ٽين پوزيشن حاصل ڪئي.، ٻنھي تقريبن ۾ ڊين ڊاڪٽر عبدالمبين لوڌي، ڊاڪٽر عمران کتري، ڊاڪٽر ظهير احمد خان، ڊاڪٽر عرفان احمد گلال، شڪيل احمد چٺا سميت ٻين استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
