سکر(رپورٽ عبدالجبار نوناري)سکر ملٽري روڊ جي رهواسي حاجي محمد بخش مهر، مهر اتحاد جي اڳواڻن عبدالوهاب مهر ۽ الله اڀايو عرف ڏاڏو مهر سان گڏ سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سال 2016ع ۾ سردار بهرام چانڊيو جي پڦاٽ ڏاتار چانڊيو کان ڪراچي جي انار گارڊن ڀرسان سيوِلسن سوسائٽي ۾ 120 گز جا 10 پلاٽ 10 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيا، جن جي مد ۾ هن هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ادا ڪيا. هن چيو ته ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪورٽ جو نوٽيس مليو ته پلاٽن تان قبضو ختم ڪيو، جنهن کانپوءِ خبر پئي ته فراڊ ٿيو آهي. سندس چوڻ موجب، پئسا واپس ڪرڻ جا دلاسا ڏنا ويا، جڏهن ته ڏاتار چانڊيو پاران 60 لک رپين جو ڏنل چيڪ به ڪوڙو نڪتو ۽ هن وقت تائين ڪا به رقم واپس نه ڪئي وئي آهي.حاجي محمد بخش مهر چيو ته هن معاملي تي وقت بوقت احتجاج پڻ ڪيا ۽ سردار بهرام چانڊيو سان به شڪايت ڪئي، پر کيس رڳو دلاسا ملندا رهيا.هن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين لاڳاپيل اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي رقم واپس ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
سکر جي شهري حاجي محمد بخش مهر جي سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
