ڪراچي(رپورٽ ذوالفقار)ڪراچي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي ميونسپل ڪمشنر ملڪ مجتبيٰ اياز جي صدارت هيٺ ٽائون جي مختلف کاتن جي سربراهن ۽ ڊائريڪٽرن سان هڪ اهم تعارفي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جو مقصد سمورن کاتن جي سربراهن سان باضابطه تعارف، کاتيوار معاملن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ جاري ترقياتي منصوبن سميت مختلف شعبن جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو.
اجلاس خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو، جنهن دوران ميونسپل ڪمشنر ملڪ مجتبيٰ اياز سمورن کاتن جي سربراهن سان سندن شعبن، جاري ڪمن، پيش ايندڙ مسئلن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي اتفاق ڪيو ويو ته ٽائون جي سمورن ترقياتي ۽ انتظامي معاملن کي گڏيل سهڪار، مؤثر حڪمت عملي ۽ بهتر رابطن ذريعي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندوميونسپل ڪمشنر واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته سمورن کاتن جا سربراهه پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ جاري ترقياتي ۽ انتظامي ڪمن جي روزاني بنيادن تي اڳڀرائي رپورٽ تيار ڪندا، جيڪا باقاعدگي سان ڪمشنر آفيس ۽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڏانهن موڪلي ويندي، ته جيئن هر ڪم جي اڳڀرائي، معيار ۽ رفتار جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس، ڪمشنر آفيس ۽ ريجنل ڊائريڪٽر طرفان جاري ڪيل سرڪاري حڪمن ۽ هدايتن تي بروقت عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ سرڪاري معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي نه ڪئي وڃي.ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ملڪ مجتبيٰ اياز چيئرمين حاجي نواز علي بروهي پاران ٽائون جي بهتري ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته چيئرمين منگھوپير جنهن محنت، لگن ۽ دلچسپي سان ٽائون جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهو ساراهه جوڳو عمل آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته چيئرمين جي قيادت ۽ سمورن کاتن جي گڏيل سهڪار سان جاري ترقياتي سرگرمين کي وڌيڪ اثرائتو ۽ تيز ڪيو ويندو، ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي.اجلاس ۾ اڪائونٽ آفيسر فياض حسين چنا، ڊائريڪٽر ايڇ آر ايم محمد قديرالدين، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن حافظ محمد شعيب، ڊائريڪٽر انفارميشن اسد صديقي، ڊائريڪٽر ٽيڪس اينڊ روڊ ڪٽنگ عبدالغفار جتوئي، بي اينڊ آر انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ مان آفاق عالم، انچارج اسپورٽس ۽ پي او ايل اسلم بروهي، ايم اي ڊي ڊپارٽمينٽ مان فهد جميل، ڊائريڪٽر پراپرٽي ٽيڪس ساگر خان ۽ ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ يعقوب پنھور سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ شريڪ ٿيا.
اجلاس جي پڄاڻي تي ميونسپل ڪمشنر سمورن آفيسرن تي زور ڀريو ته هو هڪ متحد ۽ فعال ٽيم جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن، گڏيل رابطن ۽ سهڪار کي هٿي ڏين ۽ هر ڪم جي بروقت تڪميل کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائين، ته جيئن ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير ۾ ترقياتي عمل کي وڌيڪ تيز ڪندي شهرين کي بهتر بلدياتي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.
ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن منگھوپير جي ميونسپل ڪمشنر ملڪ مجتبيٰ اياز جي صدارت هيٺ ٽائون جي مختلف کاتن جي سربراهن ۽ ڊائريڪٽرن سان هڪ اهم تعارفي اجلاس منعقد ٿيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
