حيدرآباد( محبوب حسين بزدار)ٽنڊوالهيار: آواز ادب فورم ٽنڊوالهيار پاران نامياري ليکڪ، اديب ۽ ڪالم نگار رياض عمراني جي نئين تصنيف ڪتاب ”رمزون روح جون“ جي مهورت تقريب جيم خانه ٽنڊوالهيار ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪالرن، زرعي سائنسدانن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي اسڪالر، زرعي سائنسدان ۽ ڪالم نگار پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته رياض عمراني سان منهنجو تعلق 40 سالن کان آهي. جڏهن اسان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن ئي اسان ٻنهي پنهنجي قلمی سفر جي شروعات ڪئي. رياض عمراني يونيورسٽي جي هر وائيس چانسلر سان ويجهو رهيو، پر پنهنجي ذات لاءِ ڪجهه حاصل ڪرڻ بدران ادب ۽ دوستن کي عزت ڏني. هن لاتعداد ادبي پروگرام منعقد ڪيا ۽ سندس ڪتابن جو تعداد 12 کان وڌيڪ آهي. هن زندگي جي مختلف موضوعن تي لکيو آهي. ڪتاب لکڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي، سندس نئون ڪتاب ”رمزون روح جون“ بهترين ۽ معلوماتي ڪتاب آهي، جنهن مان نوجوان شاگردن کي گهڻي ڄاڻ ملندي. انشاءَ الله رياض عمراني جي اعزاز ۾ ٽنڊوڄام ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي ويندي.تقريب جي خاص مهمان جيم خانه ٽنڊوالهيار جي صدر ۽ مثالي آبادگار حاجي شفيع محمد پتافي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رياض عمراني پنهنجي زندگي ۾ ڪتاب لکي پاڻ کي زنده رکيو آهي. ڪتاب لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. سندس ڪتاب ”رمزون روح جون“ معلوماتي آهي، جنهن کي هر ڪنهن کي پڙهڻ گهرجي.پروفيسر ممتاز علي لغاري چيو ته رياض عمراني سان منهنجو تعلق 40 سالن کان قائم آهي. هو شروع کان ئي هڪ متحرڪ ڪردار رهيو آهي. سندس خمیر ۾ ادب، سائنس ۽ زراعت شامل آهن. هن پنهنجي لکڻ جي شروعات زرعي موضوعن کان ڪئي، بعد ۾ ثقافتي ورثي تي پڻ ڪم ڪيو ۽ ٽنڊوالهيار کي علمي خزانو ڏنو. اهڙن شخصيتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندس ڪتاب تاريخ جو اهم حصو آهي.ڊپٽي ڊائريڪٽر زوهيب خانزاده چيو ته رياض عمراني سماجي دنيا جو چمڪندڙ چنڊ آهي، جنهن ڪيترائي پروگرام منعقد ڪيا آهن. اهڙا ڪردار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن.اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سماجيات رئيس خانزاده چيو ته رياض عمراني هڪ سرگرم سماجي اڳواڻ آهي، جنهن سماج ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. انشاءَ الله جلد سندس اعزاز ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي ويندي.مٽياري جي نامياري شاعر، اديب ۽ سماجي اڳواڻ خيال کٽري، رزاق ميمڻ، ايم بچل ميمڻ، رفيق احمد سومرو ۽ سيد امداد علي شاهه بخاري رياض عمراني جي سوانح حيات ۽ ادبي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي ڪتاب جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي. هنن چيو ته جلد مٽياري ۾ پڻ سندس مان ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي.پروفيسر مولا بخش قمبراني، ڊاڪٽر حنيف لغاري، مسڪين سمون، شاعر سليمان سمون، صحافي نور نبي ميرجت، صحافي محبوب بوزدار ۽ صحافي عرفان ميمڻ رياض عمراني جي صحافتي سفر تي روشني وجهندي چيو ته سندس لکڻيون آواز ادبي ادب جو بهترين خزانو آهن. رياض عمراني گذريل 45 سالن کان اخبارن ۾ بهترين ڪالم لکندو رهيو آهي ۽ مختلف شعبن ۾ قلمڪاري ڪري پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي.
تقريب ۾ مير علي محمد ٽالپر، طفيل احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ارشد لنجواڻي، ڊاڪٽر راشد لنجواڻي، عطا محمد جروار، شوڪت جروار، محمد قاسم ڪالرو، محمد عرس عمراني، ليڪچرار اسد نظاماڻي، گليشئر عمراني، ثمر عمراني، حسين بخش منگسي، اديب قائم سولنگي، استاد ميرجت، شفيع محمد لنڊ، علي دائوداڻي، پوليس عملدار سريوال، مومائي، ارجن، گيان ڪڇي، جارج، سراج، آصف عمرادي سميت ٻين اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي.تقريب جي پڄاڻي تي آيل مهمانن کي سنڌي ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته آخر ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ ريفريشمينٽ جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.
آواز ادب فورم پاران رياض عمراني جي نئين ڪتاب ”رمزون روح جون“ جي مهورت تقريب منعقد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
