حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حدن ۾ مبينا طور غير قانوني سرگرمين ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿيڻ جا الزام سامهون اچي رهيا آهن، جتي منشيات فروشي، جوا، فحاشي جي اڏن، پان پراگ، گٽڪي، نشي آور شين ۽ شراب جي مبينا خريد ۽ وڪري جو سلسلو سرعام جاري هجڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته انهن سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ڪي به اثرائتا قدم نظر نه اچي رهيا آهن. مليل اطلاعن ۽ مقامي سطح تي سامهون آيل الزامن موجب فورٽ ٿاڻي جي حدن ۾ قائم سعودي هوٽل ۽ گلشن هوٽل سميت اسٽيشن روڊ جي ڀرپاسي ڪجهه هنڌن تي مبينا طور فحاشي جا اڏا سرگرم آهن، جن جي حوالي سان مجيد ميمڻ جو نالو پڻ مبينا سرپرستي جي الزامن ۾ سامهون اچي رهيو آهي، جڏهن ته هوٽل جي مالڪ طور طفيل جٽ جو نالو ٻڌايو پيو وڃي. وڌيڪ الزام لڳايو پيو وڃي ته انهن غير قانوني سرگرمين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران مبينا طور کين نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن پاران هر هفتي هڪ لک رپين تائين ڀتو وصول ڪرڻ جون شڪايتون پڻ سامهون اچي رهيون آهن. انهن الزامن جي حوالي سان فورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت ڪبر جي مبينا اجازت ۽ سرپرستي بابت پڻ سوال اٿاريا پيا وڃن. علائقي واسين ۽ شهري حلقن ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ٻين اعليٰ پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فورٽ ٿاڻي جي حدن ۾ مبينا غير قانوني سرگرمين، منشيات فروشي، جوا ۽ فحاشي جي اڏن بابت شفاف جاچ ڪرائي وڃي، سعودي هوٽل، گلشن هوٽل ۽ اسٽيشن روڊ جي ڀرپاسي ٿيندڙ مبينا سرگرمين جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار يا بااثر شخص جي سرپرستي ثابت ٿئي ته ان خلاف بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي سگهجي.
حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حدن ۾ مبينا غير قانوني سرگرمين جو راڄ، منشيات، جوا ۽ فحاشي جا اڏا سرعام هلڻ جو انڪشاف
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
