جيڪب آباد ( عامرجان) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته مختلف علائقن ۾ مدرسن ۽ مسجدين جي عملي کي هراسان ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. مدرسن ۽ مسجدين کي لاوارث نه سمجهيو وڃي، جيڪڏهن انهن خلاف غيرقانوني قدم کنيا ويا ته لکين عوام ۽ مدرسن سان لاڳاپيل ماڻهو ميدان ۾ نڪري ايندا. جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري پاران ميڊيا ڏانهن جاري ڪيل بيان موجب علامه راشد محمود سومرو چيو ته مدرسا ديني ۽ دنيوي تعليم، اسلامي قدرن ۽ اخلاقي تربيت جا مرڪز آهن، تنهنڪري انهن خلاف منفي پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي. هن چيو ته مدرسن جا معاملا 26هين آئيني ترميم ۾ طئي ٿي چڪا آهن، تنهنڪري غيرضروري تڪرار پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي چيو ته مدرسن جي منتظمين، استادن ۽ عملي کي هراسان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن مدرسن ۽ عوام خلاف غيرقانوني قدم کنيا ويا ته جي يو آءِ آئيني ۽ پارلياماني طريقي سان ڀرپور احتجاج ڪندي ۽ ديني مدرسن جي تحفظ ۽ عوام جي آئيني حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندي.
