لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 پلس پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي ويٽنگ مرد توڙي عورت اميدوارن طرفان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اميدوارن صدام سانڊاڻو، مريم عباسي، جميل ڀٽو، فريد عباسي، اسلم خشڪ، امبرين انصاري، تسمينا گاد، مسرت ڪلهوڙو، محمد سليم مستوئي ۽ ٻين چيو ته هزارين ميرٽ پاس اهل اميدوار ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي جائز حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سخت گرمي، سردي، بک، اڃ، مالي نقصان، ذهني پريشانين ۽ ٻين ڏکيائين باوجود اميدوارن پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکي آهي، پر افسوس جو اڃا تائين سندن مسئلي جو ڪو مستقل ۽ منصفاڻو حل سامهون نه اچي سگهيو آهي. احتجاج ڪندڙ اميدوارن جو مطالبو ڪيو ته موجود خالي جاين ۽ لاڳاپيل سيٽن جي شفاف جاچ ڪرائي سمورن ميرٽ پاس اهل 40 پلس ويٽنگ اميدوارن سان انصاف ڪري سندن مقرريءَ لاءِ واضح ۽ منصفاڻي پاليسي اختيار ڪئي وڃي، مسئلي جي مستقل حل لاءِ پاليسيءَ ۾ ضروري ترميم ڪري مقرريءَ جي عمل کي تعلقي جي حدن تائين محدود رکڻ بدران ضلعي يا ڊويزن جي سطح تي ترتيب ڏنو وڃي، ٻي صورت 2 نومبر تي ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ۽ جي اِي ايس ٽي ويٽنگ مرد عورت اميدوارن طرفان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
