لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ مياڻي نهال جي رهواسين طرفان پاڪ ڪتاب کڻي مبينا طور قتل ٿي ويل نوجوان جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پيرسن ڳوٺاڻي نياز حسين سهتو پنهنجي گهرواري اقبال خاتون، پٽن غلام مرتضيٰ، رميز، ڀاڻيجي نديم سهتو ۽ ٻين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 27 جولاءِ تي پئسن جي معاملي تان بااثر جوابدار حاڪم عمراڻي، دوست علي جتوئي، غلام حسين جتوئي، محمد يوسف عمراڻي، بشير جتوئي ۽ صابر شاھ منهنجي نوجوان پٽ غلام مصطفيٰ سهتو کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس منهنجي پٽ صفدر سهتو جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف حد جي آريجا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، پر پوليس صرف ٻن جوابدارن غلام حسين جتوئي ۽ محمد يوسف عمراڻي کي گرفتار ڪيو، جيڪي هن وقت ضمانت تي آزاد آهن. هن چيو ته جوابدار ڌر پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جن مان اسان کي جاني نقصان جو خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.
لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ مياڻي نهال جي رهواسين طرفان پاڪ ڪتاب کڻي مبينا طور قتل ٿي ويل نوجوان خلاف احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
