ڪراچي: موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اڄ ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ نمي وارو رهندو، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي بونداباندي جو به امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران آسمان جزوي طور ڪڪر آلود رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته موسم ۾ نمي برقرار رهندي.
کاتي موجب اڄ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هوا ۾ نمي جو تناسب 65 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڏکڻ اولهه کان 20 کان 21 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن.
کاتي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي بونداباندي ٿي سگهي ٿي، جنهن سبب گرمي جي شدت ۾ معمولي گهٽتائي اچڻ جو امڪان آهي.
ماهرن شهرين کي صلاح ڏني آهي ته گرمي ۽ نمي واري موسم دوران احتياط ڪن، غير ضروري طور تي تيز سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ پاڻي جو مناسب استعمال جاري رکن.
