لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) زيبيسٽ يونيورسٽي لاڙڪاڻي جي ڪميونٽي سروس ريسپانسبلٽي ٽيم پاران يتيم ٻارن ۾ خوشيون ورهائڻ، سندن حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ تعليم توڙي مستقبل بابت مثبت سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ پاڪستان بيت المال سوئيٽ هوم ۾ مسڪراهٽ جو ڏهاڙو ملهائي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ هيڊ ڪميونٽي سروس ريسپانسبلٽي ڊاڪٽر جليل احمد ٿيٻو، سوشل ويلفيئر کاتي جي آفيسر طيب ڪوريجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال اڪبر چانڊيو، يونيورسٽي جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. تقريب دوران 100 جي لڳ ڀڳ يتيم ٻارن وچ ۾ مختلف رانديون ڪرائي خاص کاڌن ۽ تازا ميوا ورهايا ويا. ان سان گڏ يتيم ٻارن جي تعليمي ترقي، شخصيت سازي، خوداعتمادي ۽ ڪيريئر بابت رهنمائي لاءِ موٽيويشنل سيشن پڻ منعقد ڪيا ويا، جن ۾ ٻارن کي تعليم جاري رکڻ ۽ پنهنجي روشن مستقبل لاءِ محنت ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر جليل احمد ٿيٻو چيو ته ڪميونٽي سروس ريسپانسبلٽي صرف مالي يا مادي مدد تائين محدود ناهي، پر ان جو اصل مقصد سماج جي ضرورتمند طبقن سان خوشيون ونڊڻ، انساني رشتن کي مضبوط ڪرڻ ۽ انهن ۾ اميد پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٻارن سان زيبيسٽ يونيورسٽي جي شاگردن جي ميل جول هڪ يادگار تجربو رهيو، جنهن شاگردن ۾ همدردي، احساس، خلوص ۽ سماجي ذميواري جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. هن چيو ته زيبيسٽ يونيورسٽي لاڙڪاڻو مستقبل ۾ پڻ سماجي ڀلائي، ڪميونٽي جي ترقي ۽ ضرورتمند ٻارن جي خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. طيب ڪوريجو چيو ته اهڙن سرگرمين سان تعليمي ادارن ۽ سماجي ڀلائي جي ادارن وچ ۾ سهڪار ذريعي ٻارن جي بهتري ۽ ترقي لاءِ وڌيڪ بهتر موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. اڪبر چانڊيو چيو ته اهڙيون سرگرميون ٻارن لاءِ خوشي، حوصلا افزائي ۽ مثبت سماجي رابطن جو ذريعو بڻجن ٿيون.
ڪميونٽي سروس ريسپانسبلٽي صرف مالي يا مادي مدد تائين محدود ناهي، ڊاڪٽر جليل احمد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
