لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) ملڪ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به هندو برادري طرفان ديوالي جو تهوار مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. خبر موجب ملڪ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به هندو برادري پاران ديوالي جو ڏڻ ملهائي پوجا پاٽ ڪري ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر مغل طرفان ديوالي جي موقعي تي شهر جي رائل روڊ وٽ واقع ڌرم شالا جو دورو ڪري هندو پنچائت جي چيئرمين هريش لعل، جئي راج، سريش ڪمار، ڊاڪٽر امبرت، پرڪاش لعل، انيل ڪمار ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري تهوار جون مبارڪون ڏئي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنچائت جي چيئرمين هريش لعل چيو ته ديوالي جو ڏهاڙو هر سال ملڪ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به عقيدت، احترام، جوش ۽ جذبي سان ملهائي پوجا پاٽ ڪئي ويندي آهي، پر هن سال سائين ساد رام جي وڇوڙي سبب ديوالي جو تهوار سادگي سان ملهايو پيو وڃي، پر ان باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت، ضلعي انتظاميه، لاڙڪاڻو پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن توڙي شهرين جا اسان ٿورائتا آهيون، جن اسان کي هن ڏڻ تي ياد رکيو ۽ مبارڪون ڏئي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي
