لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان مغل طرفان ڪجھ ڏينهن اڳ هٿياربندن جي مبينا فائرنگ دوران زخمي ٿيل پيرسن، شاگردن ۽ شاگردياڻي جي گهر پهچي الڳ الڳ سندن عيادت ڪري گلن جا تحفه ڏنا ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر مغل زخمين جي وارثن کي يقين ڏياريندي چيو ته هن ڏکي وقت ۾ لاڙڪاڻو پوليس سندن گڏ بيٺل آهي، جڏهن ته زخمين جي علاج جو سمورو خرچ لاڙڪاڻو پوليس ادا ڪندي ته جيئن متاثر خاندانن کي زخمين جي علاج بابت ڪي به مشڪلاتون پيش نه اچي سگهن. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ خصوصي دعائون پڻ گهريون.
