• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شيراز نظير جون اهم سرگرميون، ايس ايس پي ڪشمور کي الوداعي تقريب ۾ ڀيٽا، اردلي روم ۾ 5 پوليس اهلڪار بحال، 45 ڄڻن جي ڪيسن تي فيصلا
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شيراز نظير جون اهم سرگرميون، ايس ايس پي ڪشمور کي الوداعي تقريب ۾ ڀيٽا، اردلي روم ۾ 5 پوليس اهلڪار بحال، 45 ڄڻن جي ڪيسن تي فيصلا

admin
Last updated: November 12, 2026 3:53 pm
admin
Share
SHARE

لاڙڪاڻو (رپورٽ عادل خان )ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج شيراز نظير پاران پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي کاتيوارن مسئلن جي حل ۽ فرض شناس آفيسرن جي خدمتن کي ساراهڻ جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ هڪ طرف ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهنگهرو جي اسپيشلائزڊ انويسٽيگيشن يونٽ (SIU) ڪراچي ۾ بدلي ٿيڻ تي سندس مانَ ۾ پروقار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، ته ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پنهنجي آفيس ۾ اردلي روم منعقد ڪري 45 پوليس آفيسرن ۽ جوانن جا کاتيوارا مسئلا ٻڌا ۽ اهم فيصلا جاري ڪيا.تفصيل موجب ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهنگهرو جي ڪراچي بدلي ٿيڻ جي موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج شيراز نظير پاران سندس مانَ ۾ هڪ سادي پر پروقار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب، ڪمشنر لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو رينج جي ايس ايس پيز، اي ايس پيز ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شيراز نظير، ايس ايس پي محمد مراد گهنگهرو کي سنڌ جي روايتي ثقافت جي سوکڙي اجرڪ، سنڌي ٽوپي ۽ يادگار شيلڊ پيش ڪئي ۽ ضلعي ڪشمور ۾ سندس پيشوراڻين خدمتن کي ساراهيو.ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته بدليون ۽ مقرريون سرڪاري ملازمت جو لازمي حصو آهن، ايس ايس پي محمد مراد گهنگهرو ضلعي ڪشمور ۾ پنهنجي مقرري دوران امن امان جي قيام، ڏوهاري عنصرن خلاف اثرائتين ڪاررواين ۽ عوام جي تحفظ لاءِ ڀرپور محنت ۽ پيشوراڻي لگن سان فرض سرانجام ڏنا، سندس خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته محمد مراد گهنگهرو پنهنجي نئين ذميواري ۾ به ساڳئي جذبي، محنت ۽ صلاحيتن سان ڪاميابيون ماڻيندو.تقريب جي پڄاڻي تي ايس ايس پي محمد مراد گهنگهرو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت سمورن آفيسرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته لاڙڪاڻو رينج ۾ دورانِ سروس ملندڙ محبت، عزت، سهڪار ۽ خوبصورت يادون هميشه سندس دل ۾ رهنديون.ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج شيراز نظير پنهنجي آفيس ۾ اردلي روم منعقد ڪيو، جنهن ۾ مجموعي طور 45 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار پيش ٿيا. اردلي روم دوران 5 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تي بحال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، جڏهن ته 2 اهلڪارن جون انڪوائريون رينج آفيس حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان کان علاوه 38 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڪيسن ۾ ميجر پنشمينٽ ۽ شوڪاز ختم ڪري کين وارننگ ۽ سينچوئر ڏيڻ جا فيصلا ڪيا ويا.نوڪرين تي بحال ٿيندڙ اهلڪارن ۾ ڪانسٽيبل بشير احمد جيهو، ڪانسٽيبل عرفان علي جتوئي، ڪانسٽيبل عبدالرحيم ابڙو، ليڊي هيڊ ڪانسٽيبل نازيه حسن ڪورائي ۽ منظور علي سميو شامل آهن.جڏهن ته ڪانسٽيبل نظير نوناري ۽ امان الله جون انڪوائريون رينج آفيسر حوالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا.اردلي روم دوران ميجر پنشمينٽ ۽ شوڪاز ختم ٿيڻ کانپوءِ وارننگ ۽ سينچوئر حاصل ڪندڙن ۾ انسپيڪٽر ممتاز علي چنا، انسپيڪٽر علي حسن ابڙو، سب انسپيڪٽر مظفر علي شاهه، اياض علي چانڊيو، شاهنواز شيخ، لياقت علي ناپر، ذوالفقار علي چانڊيو، عطاءُ الله ميراني، حاڪم علي بروهي، سانول خان ميرالي، اي ايس آءِ صاحب خان جاگيراڻي، جهان شاهه، پوليس ڪانسٽيبل معشوق ٻوڍزار، مختيار لاکير ۽ رسول بخش جوڻيجو سميت ٻيا آفيسر ۽ اهلڪار شامل آهن.ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شيراز نظير پاران اردلي روم منعقد ڪرڻ کي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا کاتيوارا مسئلا ٻڌڻ، شڪايتن جو ازالو ڪرڻ ۽ ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ واري عمل جو اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article دادو لڳ ڳوٺ جهنگل خان پنهور ۾ مرحوم حاجي محمد رمضان پنهور جي 9 هين ورسي، سيرتِ نبوي جي روشني ۾ روحاني محفل
Next Article تنگواڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران وحدت سنڌ ريلي،ڪڍي وئي سنڌ جي وحدت برقرار رکڻ جو عزم
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش،

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين ۾ اسڪول سطح تي…

November 25, 2026

بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش،

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين…

November 25, 2026

بدين لاڙ ڪيمپس بدين ۾ لاڙ انٽرپرينئرشل گالا 2026ع، آءِ ٽي نمائش ۽ علمي سرگرمين جو شاندار انعقاد

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين …

November 25, 2026

بدين  پنهنجي جواني وطن جي دفاع لاءِ ارپيندڙ رٽائرڊ آرمي پرسن پوري قوم لاءِ قابل فخر ۽ قابل احترام آهن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين …

November 25, 2026

شڪارپور ۾ٿاڻي دائم ملڪ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ذوالفقار عرف ڪٽو ميراني کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو

            شڪارپور(رپورٽ عابدتبسم)                   شڪارپور۾ٿاڻي دائم ملڪ…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

سکر پوليس جي ڪامياب ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ منشيات، گٽڪو ۽ ماوا سميت 4 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

ايس ايس پي سکر اظہر خان جي هدايت تي سکر پوليس سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن خلاف زبردست ڪريڪ ڊائون…

1 Min Read
پاڪستان

صالح پٽ ۾ صوبائي محتسب اعليٰ جي کليل ڪچهري، شهرين پاران بنيادي مسئلن ۽ سرڪاري ادارن خلاف شڪايتون

سکر (عادل خان)اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس صالح پٽ ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ سکر احمد علي قريشي جي صدارت هيٺ…

1 Min Read
پاڪستانرانديون

سکر ۾ نيشنل جونيئر بيڊمنٽن چيمپئن شپ 2026ع پڄاڻي تي پهتي، پنجاب ۽ ايس اين جي پي ايل جي رانديگرن جي نمايان ڪارڪردگي

سکر (رپورٽ عادل خان) سنڌ جی راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي اهتمام هيٺ پاڪستان بيڊمنٽن فيڊريشن، سنڌ…

4 Min Read
پاڪستان

لاهور: پرڏيهي عورتن سان مبينا زيادتي ڪيس، اسپيني شهري عورت جي حلفي بيان ۾ سنگين انڪشاف

لاهور: لاهور ۾ ٻن پرڏيهي عورتن جي مبينا اغوا ۽ زيادتي واري ڪيس ۾ هڪ متاثره عورت جي مجسٽريٽ آڏو…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?