نوشهروفيروز(رپورٽ عطا حسين)نوشهروفيروز تعلقي پوليس جون ڪارروايون 8 ڏوهاري هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي سٽي محمد موسا ابڙو، ايس ايس ايڇ او سٽي مختيار بهلڪاڻي سان پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو آهي وسطڙا ڏوهاري گنينگ جا 8 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ٽن ڄڻن زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجن ڄڻن کي فزيڪلي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ شڪيل وسطڙو، عديل وسطڙو، سعيد وسطڙو، عبدالصمد وسطڙو ،منصور علي شاهه، شوڪت سولنگي، صحبت ماڇي ،ذاڪر سومرو سميت ٻين کي گرفتار ڪري انهن وٽان ڦر ٿيل 16 موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو ڦريل سامان توڙي روڪ رقم ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن گرفتار ٿيل ڏوهارين مٿان پڊعيدن نوشهروفيروز، ابڙان ٿاڻي سميت ٻين مخلتف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن جيڪي موٽرسائيڪلون ، پيٽرول پمن توڙي ٻين علائقن مان ٽرانسفارمر لاهڻ سميت ٻين وارڌاتن ۾ ملوث آهن هن چيو ته تعلقي نوشهروفيروز ۾ ڪنهن ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي پيش ڪيو ويندو.
نوشهروفيروز تعلقي پوليس جون ڪارروايون 8 ڏوهاري هٿياربندن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
