سانگهڙ(رپورٽ غلام رسول ناريجو)
ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ پوليو ۽ EPI بريفنگ گڏجاڻي پوليو کان بچاءَ ۽ حفاظتي ٽڪن واري مهم جي انتظامن ۽ ڪارڪردگي جو جائزوسانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه جي صدارت هيٺ ضلعي پوليو ۽ حفاظتي ٽڪن واري مهم بابت بريفنگ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي اندر جاري پوليو کان بچاءَ وارين سرگرمين، ايندڙ پوليو مهم جي تيارين، ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جي هدف ۽ مهم جي مجموعي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر فاروق، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرز، صحت کاتي جي عملدارن، پوليو پروگرام جي نمائندن، عالمي اداري صحت (WHO)، يونيسيف جي آفتاب احمد ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق پاران ڊپٽي ڪمشنر کي پوليو مهم جي تيارين، مائيڪرو پلاننگ، ٽيمن جي جوڙجڪ، سيڪيورٽي انتظامن، رهجي ويل ٻارن ۽ پوليو بابت ٻين اهم معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا هدايت ڪئي ته ضلعي اندر 5 سالن تائين جي عمر جي سمورن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ ۽ ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳائڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، تنهن ڪري سمورا لاڳاپيل کاتا پاڻ ۾ بهتر رابطي ۽ اثرائتي حڪمت عملي تحت پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. انهن وڌيڪ هدايت ڪئي ته پوليو مهم دوران مائيڪرو پلان تي مڪمل عملدرآمد، فيلڊ ٽيمن جي اثرائتي نگراني، رهجي ويل ٻارن جي فوري نشاندهي ۽ 100 سيڪڙو ڪوريج کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن ڪو به ٻار پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئڻ کان محروم نه رهي. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پوليو مهم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آندا وڃن.
ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ پوليو ۽ بريفنگ گڏجاڻي پوليو کان بچاءَ ۽ حفاظتي ٽڪن واري مهم جي انتظامن ۽ ڪارڪردگي جو جائزو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
