ڀرياسٽي ( ن پاڪ سوچ )ڳوٺ محمد صديق لاکو واسي بيواھ عورت مسمات جنت لاکو جو پٽن ذاڪرعلي لاکو ۽ اسدعلي لاکو سان گڏ بااثرن جي ظلمن ۽ ڏاڍ خلاف ڀرياسٽي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ جا بااثر غلام رسول عرف گامڻ لاکو ۽ سندس پٽ صادق لاکو ، علي نواز لاکو ، شاھنواز لاکو ۽ نواب لاکو وارن اسان جي ڪاھيل فصل ۾ مال ڇڏي ڀيل ڪئي جنھن تان کين منع ڪيو ته سڀني مڇرجي ھٿيارکڻي اسان جي گھر مٿان فائرنگ ڪري گھر اندر داخل ٿي مون مسڪين بيواھ عورت ۽ منھنجي پٽ اسدعلي ۽ معصوم ٻارڙن سخت تشدد ڪري گارگند ڪندي چيو ته گھر مان لڏي وڃو نه ته توھان کي جان سان ماري ڇڏيندا سين جڏھن ته ھٿيارن جي زور تان اسان جون ٻه ٻڪريون زبردستي کاھي کڻي ويا ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻه پٽ پورھيو ڪندا آھن جيڪي گھر ۾ نه ھيااسان حافظ حسين لاکو جي زرعي زمين تي ھارپو ۽ مزدوري ڪري پيٽ گذرڪندا آھيون بااثرن جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ڪنڊيارو ٿاڻي تي فرياد کڻي ويا سين ته پوليس اھلڪارن چيو ته توھان وڃو اسان صبح ايندا سين پر ھن مھل تائين ڪوبه پوليس اھلڪار نه آيو آھي بااثرن مان اسان جي حياتين کي خطرو آھي ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ، ڊي ايس پي ڪنڊيارو ، ايس ايڇ او ڪنڊيارو سميت اعلي اختيارين مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته کين تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي ۔
ڳوٺ محمد صديق لاکو واسي بيواھ عورت مسمات جنت لاکو جو پٽن ذاڪرعلي لاکو ۽ اسدعلي لاکو سان گڏ بااثرن جي ظلمن ۽ ڏاڍ خلاف ڀرياسٽي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ڪندي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
