آمريڪي صدر يورپي يونين کان ڀارت ۽ چين تي 100 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر اڱاري جي ڏينهن آمريڪي ۽ يورپي يونين جي اختيارين جي وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ يورپي يونين اتحاد ۾ شامل ملڪن کي چيو ته اهي ڀارتي ۽ چيني شين تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪن.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٽرمپ انهي ڳالهه جو اشارو ڏنو ته هو روسي تيل جي ٻن وڏن خريدارن چين ۽ ڀارت تي وڌيڪ ٽيرف لڳائڻ جي لاءِ تيار آهن، جيڪڏهن يورپي ملڪ به ائين ڪن ۽ آمريڪا جو ساٿ ڏين.
خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ٽرمپ چيو ته اسان هن وقت اهو ڪرڻ(ٽيرف لڳائڻ) جي لاءِ تيار آهيون پر اسان اهو تڏهن ئي ڪنداسين جڏهن اسان جا يورپي اتحاد به انهي ۾ اسان سان گڏ هوندا.
ياد رهي ته آمريڪا سان واپاري ڊيل نه ڪرڻ ۽ روس کان تيل خريد ڪرڻ تي آمريڪا پهريان ئي ڀارت تي 50 سيڪڙو ٽيرف لڳائي چڪو آهي جڏهن ته چيني شين تي 30 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.
