تهران: ايراني صدر مسعود پزڪيان سيڪيورٽي فورسز کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ته مظاهرين خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪن.
غير ملڪي خبر رساں ايجنسي جي مطابق ايران جي صدر مسعود پزڪيان ملڪ ۾ جاري مهانگائي خلاف مظاهرن دوران سيڪيورٽي فورسز کي هدايت ڏني آهي ته شهري ماڻهن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان پاسو ڪن.
ايراني صدر واضح طور چيو آهي ته پرامن مظاهرين ۽ هٿياربند شرپسند عنصرن ۾ فرق ڪيو وڃي.
ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ايراني نائب صدر محمد جعفر ٻڌايو ته صدر پزڪيان سيڪيورٽي ادارن کي مظاهرين خلاف ڪریک ڊائون نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. تنهن هوندي، جيڪي ماڻهو هٿيار، چاقو يا ٻيا اوزار کڻي پوليس اسٽيشنن ۽ فوجي تنصيبات تي حملو ڪن ٿا، انهن کي مظاهرين نه پر شرپسند سمجهيو ويندو.
انهن چيو ته حڪومت عوام جي پرامن احتجاج جي حق کي تسليم ڪري ٿي، پر رياستي ادارن ۽ عوامي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته ايران ۾ مهانگائي ۽ معاشي مشڪلاتن خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيترن ئي شهرن ۾ جاري آهن. انهن مظاهرن دوران مختلف هنڌن تي جھڙپون پڻ ٿيون آهن، جن ۾ فوت ٿيڻ وارن جي تعداد 35 تائين پهچي وئي آهي. تهران ۾ پوليس ڪجهه علائقن ۾ مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ آنسو گيس جو استعمال ڪيو.
ٻئي طرف، ايراني آرمي چيف جنرل امير حاتمي خبردار ڪيو آهي ته ايران آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان حڪومت مخالف مظاهرن جي مبينه حمايت تي خاموش نه رهندو. ملڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به صورتحال جو مڪمل جواب ڏنو ويندو.
