سائنسدانن گرِين لينڊ جي برفاني چادرن جي تيزي سان ڳرڻ تي دنيا ڀر جي ساحلي علائقن کي خبردار ڪيو آهي.
هڪ نئين تحقيق موجب گرِين لينڊ جي برفاني تهه جا وڏا حصا ماضي ۾ مڪمل طور تي ڳري چڪا آهن، ۽ زمين جي وڌندڙ گرمي سبب اهو عمل ٻيهر به ٿي سگهي ٿو.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گرِين لينڊ آئس شيٽ جي هڪ اوچي هنڌ تي کوٽائي ڪئي وئي، جتان حاصل ڪيل نمونن مان ظاهر ٿيو ته گذريل 10 هزار سالن دوران برف مڪمل طور غائب ٿي وئي هئي.
گلوبل وارمنگ ۾ انساني سرگرمين جي ڪردار کان علاوه، اوٽاوا يونيورسٽي جي محققن ۽ بين الاقوامي ساٿين هڪ ٻيو لڪل عنصر به سامهون آندو آهي.
سائنسدانن موجب گرِين لينڊ جي هيٺان موجود گہري ۽ ناهموار گرمي برف کي تيزي سان نقصان پهچائي رهي آهي.
سيٽلائيٽ ڊيٽا، زلزلي وارين ريڊنگن، ڪششِ ثقل جي ماپن ۽ ڪمپيوٽر سميوليشنز ذريعي تيار ڪيل جديد ترين ٽي ڊي (3D) درجه حرارت ماڊلز استعمال ڪندي سائنسدانن اهو معلوم ڪيو آهي ته برف جي هيٺان موجود زمين ڪجهه علائقن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي گرم آهي.
سائنسدانن چيو ته برف جي تيزي سان ڳرڻ جو مطلب سمنڊ ۾ اضافي پاڻي جو گڏ ٿيڻ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ سمنڊ جي سطح وڌڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي.
ان کان علاوه ماهرن جو خيال آهي ته مستقبل ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اضافو امڪان کان وڌيڪ تيزي سان ٿي سگهي ٿو.
