خيرپور جماعت اصلاح المسلمين ضلع خيرپور ميرس زون 2 جي هڪ اهم ضلعي گڏجاڻي ڳوٺ فيض محمد موجائي ۾ ضلعي صدر خليفه ظهور احمد موجائي جي صدارت ۽ ميزبانيءَ هيٺ ٿي گذري. اجلاس جي ڪارروائي ضلعي جنرل سيڪريٽري فقير خالد حسين راڄپر هلائي.
اجلاس جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ، نعت رسول مقبول ﷺ ۽ منقبت سان ڪئي وئي، جنهن بعد تنظيم سازي، مستقبل جي لائحه عمل ۽ مانيٽرنگ سسٽم سميت مختلف اهم موضوعن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ متفقه طور تي هيٺيان اهم فيصلا ڪيا ويا جن ۾ طئي ڪيو ويو تہ نَوَن چونڊيل عھديدارن جي تقريبِ حلف برداري ۽ تربيتي ورڪشاپ فيبروري جي پهرين هفتي ۾ منعقد ٿيندا. جنهن لاءِ تاريخ، جڳهه ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ضلعي عهديدارن کي تربيتي ليڪچرز لاءِ موضوع پڻ ڏنا ويا آهن.
مانيٽرنگ سسٽم جو قيام عمل ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ طئي ٿيو تہ برانچن جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۽ صوبائي ترجيحات تي عملدرآمد لاءِ ضلعي مانيٽر مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي هر مهيني پنهنجي رپورٽ جنرل سيڪريٽري کي پيش ڪندا.
جڏھن تہ برانچن کان ماهوار ۽ سالياني فيس جي بروقت وصولي لاءِ مانيٽرز کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن ته جيئن تنظيمي امور ۾ وڌيڪ بھتري اچي سگهي. ان موقعي تي تنظيم کي وڌيڪ فعال بنائڻ لاءِ هر مهيني ضلعي عهديدارن جو آن لائن اجلاس لازمي قرار ڏنو ويو. گڏجاڻي ۾ نائب صدر فقير امجد حسين راڄپر، جوائنٽ سيڪريٽري حافظ محمد حليم، پريس سيڪريٽري محمد صديق لنڊ، فنانس سيڪريٽري محمد علي ميمڻ، آڊيٽر افتخار احمد چنا، معاون عارف نياز راڄپر ۽ پرويز احمد دستي پڻ شرڪت ڪئي. آخر ۾ جماعت جي ترقي، استحڪام، مرشدن جي درازيِ عمر ۽ ملڪ پاڪستان جي خوشحاليءَ لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.
جماعت اصلاح المسلمين ضلع خيرپور زون 2 جي اهم گڏجاڻي، نَوَن عھديدارن جي حلف برداري ۽ تربيتي ورڪشاپ فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
