اسلام آباد:ۡ (اڱارو: 31 مارچ 2026ع) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار هڪ ڏينهن جي اهم دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسحاق ڊار چيني پرڏيهي وزير جي دعوت تي بيجنگ پهچندو جتي ٻئي اڳواڻ پاڪ چين ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي وزارت موجب ٻئي اڳواڻ خطي جي صورتحال، عالمي حالتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو هلندڙ سال جي دوران اهو بيجنگ جو ٻيو دورو آهي.
ياد رهي ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪلهي جي فريڪچر جي باوجود چين جو دورو ڪري رهيو آهي جيڪا انهي ڳالهه جي نشاني آهي ته پاڪستان چين سان پنهنجن لاڳاپن کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ قائم رهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ڀائيواري موجود آهي جنهن ۾ علاقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهي رابطي ۽ باقاعده مشاورت شامل آهي.
