حيدرآباد (رپورٽ: فيصل ڏاھري) حيدرآباد جي لطيف آباد 5 نمبر واري علائقي ۾ ھڪ گھر مان نوجوان پورهيت جو ڳلو ڪپيل لاش ھٿ آيو آھي.
پوليس موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش ھٿ آيو آھي، مقتول جي سڃاڻپ عمر ڪوٽ واسي ثناالله طور ٿي آھي، ذريعن موجب جنھن گھر مان نوجوان جي لاش ملي آھي اتي مزدورن جي رھائش آھي، جڏھن ته مقتول نوجوان ھڪ مقامي ھوٽل تي ڪم ڪندڙ محنتي انسان ھو.
اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ تي پھچي جڳھ کي گھيري ۾ آڻي شاھديون گڏ ڪري رھي آھي، پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال موڪليو ويو آھي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو.
