حيدرآباد (رپورٽ ذوالفقار)عالمي ذهني صحت جي ڏينهن جي موقعي تي انچارج / ماهر نفسيات وومين ڪمپلينٽ سيل ۽ سيف هائوس ضلعو ڄامشورو سيدہ قرۃ العين شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ذهني صحت رڳو هڪ طبي اصطلاح ناهي پر انساني وقار ۽ زندگي جي توازن جو ٻيو نالو آهي.هن چيو ته اڄ اسين اهڙي ڪربناڪ دور مان گذري رهيا آهيون جتي ذهني دٻاءُ، بيچيني، احساسِ ڪمتري ۽ اڪيلائي هڪ ناسور وانگر اسان جي سماج کي اندر کان کوکلو ڪري رهي آهي. هي دٻاءُ صرف عورتن تائين محدود ناهي پر اسان جا معصوم ٻار ۽ اسان جي نوجوان نسل به هن خاموش اذيت جو شڪار آهي. تعليمي دٻاءُ، گهريلو ناچاڪي، معاشي تنگدستي ۽ سوشل ميڊيا جي منفي استعمال جي ڪري نوجوان نسل ۾ مايوسي ۽ تعليم کان بيزاري وڌي رهي آهي، ۽ افسوس سان ڪيتريون ئي قيمتي جانيون هن نه ختم ٿيندڙ ڪرب کان تنگ ٿي خودڪشي جهڙو انتهائي قدم کڻي وٺن ٿيون.اهڙين اونداهين ۾ ڪائونسلنگ اميد جي ڏيئي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هڪ همدرداڻي ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ محفوظ ٻڌڻ ڪنهن ٽٽل دل کي جوڙي سگهي ٿي. وومين ڪمپلينٽ سيل / سيف هائوس انهي ئي فلسفي تي ڪم ڪري رهيو آهي جتي هر متاثر عورت کي اعتماد ۽ رازداري واري ماحول ۾ ٻڌو وڃي ٿو ته جيئن هو پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪري سگهي ۽ کيس 72 ڪلاڪن جي رهائش دوران پرامن ۽ باوقار ماحول فراهم ڪيو وڃي ٿو ته جيئن هن جي ذهن کي سڪون ملي سگهي. سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار عورتن جي خاص ڪائونسلنگ ۽ بروقت ٻين ادارن ڏانهن ريفرل ذريعي کين زندگي ڏانهن واپس آندو وڃي ٿو ۽ تعليم ڇڏيندڙ نياڻين جي حوصلا افزائي ڪري کين ٻيهر تعليم سان جوڙيو وڃي ٿو.هن چيو ته هن سال جو عالمي نعرو “زنده تجربن جون ٻڌل آوازون” اسان کي اهو درس ڏئي ٿو ته ڪنهن جي درد کي ٻڌي وٺڻ ئي اڌ شفا آهي. ذهني بيماري کي داغ نه سمجهيو وڃي. اچو ته عهد ڪريون ته اسين پنهنجي آس پاس موجود هر پريشان دل کي ٻڌنداسين ۽ کيس اڪيلو نه ڇڏينداسين.
