عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ نئين دور جون ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. الجزيره طرفان ٻن پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو مرحلو جمعي کان اڳ متوقع آهي.
رپورٽ مطابق نامعلوم سيڪيورٽي اهلڪارن چيو آهي ته هي اندازو مختلف لاجسٽڪ ۽ سيڪيورٽي سببن تي ٻڌل آهي، جيڪي هن وقت اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
الجزيره جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا جا ٻه لاجسٽڪ جهاز نور خان ايئر بيس تي لهي چڪا آهن. ان کان علاوه ايئرپورٽ کان اسلام آباد جي ريڊ زون تائين ويندڙ ڪجهه رستا عارضي طور تي بند ڪيا ويا آهن، جنهن کي سخت سيڪيورٽي انتظامن جو اشارو قرار ڏنو پيو وڃي.
ذريعن موجب اسلام آباد جي مختلف هوٽلن کي مهمانن کان خالي ڪرايو پيو وڃي ۽ جمعي تائين ڪنهن به نئين بکنگ جي اجازت نه ڏني پئي وڃي. هي قدم امڪاني طور تي اعليٰ سطحي وفدن جي آمد سان لاڳاپيل سمجهيا پيا وڃن.
رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ هيڊي ٽريفڪ کي تاحڪم ثاني بند ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ ميٽرو بس سروس کي به پمز اسٽيشن کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن.
ٻئي طرف حڪومتي ذريعن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي تاريخ ۽ هنڌ اڃا حتمي طور تي طئي نه ٿيو آهي. ڪجهه اڳوڻين رپورٽن ۾ به چيو ويو هو ته ڳالهين جا ڪجهه اهم نقطا اڃا طئي ٿيڻ باقي آهن.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙيون ڳالهيون واقعي اسلام آباد ۾ ٿين ٿيون ته اهو خطي جي سفارتي تاريخ ۾ هڪ اهم اڳڀرائي هوندي، ڇو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڊگهي عرصي کان ڇڪتاڻ جاري رهي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان اڳ به مختلف عالمي ۽ علائقائي تڪرارن ۾ ثالثي ۽ سفارتي ڪوششن ۾ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، خاص طور تي جڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هجي.
في الحال سرڪاري سطح تي ايران–آمريڪا ڳالهين بابت ڪا به تصديق نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي ۽ لاجسٽڪ سرگرمين سبب افواهن ۽ قياس آرائين ۾ واڌ ٿي آهي.
مجموعي طور تي صورتحال اڃا غير واضح آهي، ۽ حتمي اعلان تائين ان کي امڪاني خبر طور ڏٺو پيو وڃي۔
