• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: هيڪ چيئرمين جو سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو، ڊجيٽل لائبريري جو افتتاح،شاگردن جي تخليقي صلاحيتن جي واکاڻ
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

هيڪ چيئرمين جو سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو، ڊجيٽل لائبريري جو افتتاح،شاگردن جي تخليقي صلاحيتن جي واکاڻ

admin
Last updated: April 22, 2026 8:32 am
admin
Share
SHARE

هائير ايجوڪيشن ڪميشن (هيڪ) آف پاڪستان، اسلام آباد جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر (ايس آءِ)، شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيٽريجز ڄامشوري جو دورو ڪيو، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، چيئرپرسنز، فيڪلٽي ميمبرن ۽ انتظامي عملي سان گڏجي سندن آجيان ڪئي.

دوري دوران، هيڪ چيئرمين نئين قائم ڪيل سينٽرل ڊجيٽل لائبريري جو افتتاح ڪيو، جيڪو يونيورسٽي ۾ تدريسي ۽ تحقيقي سهولتن کي هٿي ڏيڻ طرف اهم قدم قرار ڏنو ويو. هن شاگردن پاران قائم ڪيل مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو، جتي آرٽ سان لاڳاپيل پراجيڪٽ پيش ڪيا ويا. دوري جو هڪ اهم حصو ڪميونيڪيشن ڊيزائن شعبي جي شاگردن سان ملاقات به هئي، جن سنڌو ماٿري جي تهذيب تي ٻڌل مصنوعي ذهانت تي مشتمل ويڊيو گيمز، ويب سائيٽن ۽ اينيميشن جا جديد پراجيڪٽ پيش ڪيا. پروفيسر ڊاڪٽر اختر انهن منصوبن ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ انهن جي تياري، علمي ۽ مارڪيٽ اهميت بابت پڇاڻو ڪيو.

فيڪلٽي ۽ انتظامي عملي کي خطاب ڪندي، هيڪ چيئرمين شاگردن جي ڊجيٽل ۽ روايتي ٻنهي قسمن جي پراجيڪٽن کي ساراهيو. هن آرٽ ورڪ جي اعليٰ معيار جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙي سطح جو ڪم عام طور تي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڏسڻ جي اميد ڪئي ويندي آهي، پر ڄامشوري ۾ ان سطح جو ڪم ڏسي کيس خوشگوار حيرت ٿي. هن چيو ته اهي پراجيڪٽ وائيس چانسلر، فيڪلٽي ۽ شاگردن جي محنت، ٽيم ورڪ ۽ دور انديشيءَ جو عڪس آهن. شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، رابطي جي مهارتن ۽ جدت واري سوچ کي ساراهيندي هن انهن جي ڪم کي شاندار قرار ڏنو. پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر وڌيڪ اعلان ڪيو ته هيڪ، پنجاب جي معروف آرٽ ادارن جهڙوڪ نيشنل ڪاليج آف آرٽ، ڪاليج آف آرٽ اينڊ ڊزائن پنجاب يونيورسٽي، بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي لاهور ۽ سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جي وچ ۾ گڏيل تعليمي سهڪار لاءِ معاهدو قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺندي.

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، هيڪ چيئرمين جي دوري کي ساراهيندي سندن مسلسل سهڪار تي ٿورا مڃيا. ايڇ اي سي چيئرمين سان گڏ انچارج ريجنل سينٽر هيڪ سليمان احمد، ريجنل هيڊ سنڌ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل انجنيئر نياز احمد، سنڌ مدرسته السلام يونيورسٽي ڪراچي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي، يونيورسٽي آف ميرپورخاص جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، مهارڻ يونيورسٽي ڄامشوري جو اڳوڻو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (سسٽم مينيجمينٽ) هيڪ اسلام آباد جمشيد اي. بي. سومرو پڻ شامل هئا. دوري جي پڄاڻي تي وائيس چانسلر پاران معزز مهمانن کي سنڌي روايت موجب اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي درخواست تي ايران مٿان حملا نه ڪرڻ ۽ جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو
Next Article ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جو مڙهه بدين پهچي ويو، جنازي نماز ادا
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

پي ٽي آءِ ختم ٿي چڪي، عمران خان تباهيءَ جا منظر پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي: کيئل داس ڪوهستاني

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پارٽي ختم…

1 Min Read
پاڪستان

چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان ميئر سکر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ جي اهم ملاقات

ڪراچي(رپورٽ ذوالفقار)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ميئر سکر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر ارسلان اسلام…

10 Min Read
پاڪستان

موسميات کاتي جي سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته موسميات کاتي جي سنڌ صوبي ۾ شديد برساتن جي…

1 Min Read
پاڪستان

لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي جي رهواسين طرفان پاڪ ڪتاب کڻي مارڪيٽ پوليس جي مبينا ناجائزين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج

لاڙڪاڻو(رپورٽ مريد سولنگي) لاڙڪاڻي شهر جي غريب مقام پاڙي جي رهواسين طرفان پاڪ ڪتاب کڻي مارڪيٽ پوليس جي مبينا ناجائزين…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?