ايران آبنائي هرمز ۾ ٻن بحري جهازن تي قبضو ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي آهي.
ايراني بحريه موجب انهن جهازن کي انهي لاءِ قبضي ۾ ورتو ويو ڇو ته انهن آبنائي هرمز جي حفاظتي انتظامن کي خطري ۾ وڌو هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻنهي جهازن کي تحويل ۾ وٺڻ کان پوءِ ايراني سمنڊ طرف منتقل ڪيو ويو آهي.
اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن آبنائي هرمز اڳ ئي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي ڇو ته اهو دنيا جي اهم ترين واپاري گذرگاهن مان هڪ آهي. جتان کان وڏي مقدار ۾ تيل جي ورهاست ٿيندي آهي.
ٻئي طرف پينٽاگون آمريڪي ڪانگريس کي آگاهه ڪيو آهي ته ايران طرفان آبنائي هرمز ۾ وڇايل امڪاني بارودي سرنگن کي هٽائڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا لڳي سگهن ٿا.
آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب اهڙي نوعيت جي ڪارروائي فوري طور تي شروع نه ڪئي ويندي. انهي جو انحصار آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي تي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي طرح برقرار رهي ته انهي جا عالمي معيشت، خاص طور تي تيل جي سپلائي ۽ قيمتن تي اثر هلندڙ سال جي آخر تائين يا انهي کان پوءِ به محسوس ڪري سگهجن ٿا.
