ڪراچي: آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته انمول عرف پنڪي سان لاڳاپيل منشيات ڪيس ۾ ڪيترن ئي معتبر ماڻهن جا نالا سامهون اچي سگهن ٿا، جڏهن ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي سخت ڪارروائي جاري رهندي۔
ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي دوري دوران واپارين سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته حڪومت سنڌ جي سهڪار سان منشيات جي خاتمي لاءِ وسيع پيماني تي آپريشن جاري آهي ۽ هن وقت تائين هڪ هزار کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن۔ هن چيو ته منشيات استعمال ڪندڙ ۽ منشيات وڪرو ڪندڙ ماڻهن ۾ فرق آهي، پر جيڪي ماڻهو منشيات جي ڪاروبار ۾ سرگرم آهن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه بخشيو ويندو۔
جاويد عالم اوڍو ٻڌايو ته منشيات خلاف وڌيڪ اثرائتي ڪارروائين لاءِ خاص ٽاسڪ فورس قائم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شهرين کي به گهرجي ته هو اهڙين سرگرمين بابت پوليس کي معلومات فراهم ڪن ته جيئن سماج کي هن ناسور کان پاڪ ڪري سگهجي۔
پنڪي ڪيس بابت ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته انمول عرف پنڪي گهڻو ڪري لاهور ۾ رهندي هئي ۽ سندس ڪيس دوران ڪيترن ئي اهم ۽ بااثر ماڻهن جا نالا سامهون اچڻ جو امڪان آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته جاچ جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي ۽ هر پهلو کي غور سان ڏٺو پيو وڃي۔
هن ميڊيا کي اپيل ڪئي ته پنڪي جي ڪيس کي غير ضروري طور تي “گليمرائز” نه ڪيو وڃي، ڇو ته اهڙي طريقي سان ڪوريج ڏيڻ سان سماج ۾ غلط پيغام وڃي سگهي ٿو۔ سندس لفظن ۾، “پنڪي کي ايترو مشهور نه ڪيو وڃي جو سڀاڻي ان تي فلم ٺهي وڃي۔”
آءِ جي سنڌ وڌيڪ ٻڌايو ته صوبي ۾ ڏوهن ۽ ڌاڙيلن خلاف به سخت ڪارروائي جاري آهي۔ هن چيو ته “آپريشن نجات مهراڻ” تحت ڪچي جي علائقن ۾ وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 600 کان وڌيڪ ڌاڙيل يا ته مارجي ويا، گرفتار ٿيا يا هٿيار ڦٽا ڪري چڪا آهن۔
هن دعويٰ ڪئي ته هاڻي سنڌ ۾ ڪو به “نو گو ايريا” باقي ناهي رهيو ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر ٿي چڪي آهي۔ سندس چوڻ موجب پوليس جديد حڪمت عملي تحت ڏوهارين خلاف ڪارروائي جاري رکندي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو۔
