• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڊکڻ سانحو: بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل 8 عزادارن جي جنازي نماز ادا، هزارين سوڳوارن جي شرڪت
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڊکڻ سانحو: بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل 8 عزادارن جي جنازي نماز ادا، هزارين سوڳوارن جي شرڪت

admin
Last updated: June 22, 2026 8:27 am
admin
Share
SHARE

ڊکڻ ڀرسان بڊو ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ بڊو ۾ پيش آيل المناڪ سانحي ۾ 11 هزار وولٽ بجليءَ جي تار سان علم پاڪ ٽڪرائجڻ سبب فوت ٿيل 8 عزادارن جي جنازي نماز انتهائي ڏکوئيندڙ ماحول ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين سوڳوارن، عزادارن، سياسي، سماجي، مذهبي شخصيتن ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز ۾ ضلعي چيئرمين شڪارپور ذوالفقار علي خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ، اڳوڻو صوبائي وزير ۽ ايم پي اي امتياز احمد شيخ، لاڙڪاڻي ڊويزن جو انفارميشن سيڪريٽري فراز امتياز شيخ، شيعه اڳواڻ علي احمد ٻرڙو، اصغر سيٺار سميت ٻين ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ ۽ فراز امتياز شيخ شهيدن جي وارثن سان ملاقات ڪري سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ هجڻ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هي سانحو انتهائي المناڪ ۽ ناقابلِ تلافي نقصان آهي، شهيدن جي وارثن کي هن ڏکئي گهڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هنن حڪومت کان زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.

جنازي نماز کان پوءِ شهيدن کي هزارين آبديدا اکين ۽ سُڏڪن جي وچ ۾ مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي سڄي علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل رهي، جڏهن ته عزادارن ۽ مختلف شيعه تنظيمن پاران شهيدن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.

واضح رهي ته گذريل رات مقامي ڪربلا ۾ علم پاڪ نصب ڪرڻ دوران اوچتو 11 هزار وولٽ جي هاءِ ٽينشن بجليءَ جي تار سان ٽڪرائجڻ سبب 8 عزادار شهيد ۽ 11 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا، جن مان ڪيترن کي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ رکيو ويو آهي. واقعي کان پوءِ سڄي علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته شهيدن جي گهرن تي تعزيت ڪندڙن جو سلسلو جاري آهي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article خيرپور: پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل جي جنازه نماز ادا، اباڻي قبرستان ۾ تدفين
Next Article سوئٽزرلينڊ ۾ ايران، آمريڪا ڳالهين جو پهريون دور مڪمل، حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ ميپ منظور، گڏيل پڌرائي جاري
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ پاڪستان…

By admin
3 Min Read

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت پاران هلائي ويندڙ ڪوڙي…

July 4, 2026

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت…

July 4, 2026

وزيراعظم شهباز شريف ايران جي دوري کانپوءِ ترڪي پهچي ويو

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ايران جي…

July 4, 2026

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي

حيدرآباد (رپورٽ: محبوب حسين بوزدار): گورنمينٽ…

July 4, 2026

سرگوڌا واقعي ۾ 7 ورهين جي نينگري سان زيادتي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، حڪومت سان گڏ والدين جي به ذميواري آهي: مريم نواز

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير مريم…

July 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

فنگرپرنٽ تصديق ۾ مسئلو ختم، نادرا ۾ فيس بائيو ميٽرڪ تصديقي سهولت جو آغاز

اسلام آباد: نادرا پاران چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل بائيو ميٽرڪ تصديقي سهولت شروع ڪري ڏني وئي آهي، جنهن سان…

2 Min Read
پاڪستان

اسپتالن جي قيام هجي يا تعليمي نظام ۾ سڌارو، سنڌ حڪومت هر شعبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي: بلاول

چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسپتالن جو قيام هجي يا تعليمي نظام ۾ بهتري، سنڌ…

2 Min Read
پاڪستان

موسميات کاتي جي سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي کان پوءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته موسميات کاتي جي سنڌ صوبي ۾ شديد برساتن جي…

1 Min Read
پاڪستان

عرب ميڊيا: ايران–امريڪا ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان

عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ نئين دور جون ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٿيڻ…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?