• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: 16 سالن کان جاري جدوجهد، نيشنل بينڪ پينشنرز پاران ڪراچي هيڊ آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻي جو اعلان
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
تازھ ترين

16 سالن کان جاري جدوجهد، نيشنل بينڪ پينشنرز پاران ڪراچي هيڊ آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻي جو اعلان

admin
Last updated: June 29, 2026 10:14 am
admin
Share
SHARE

سکر (دانش راجپوت): نيشنل بينڪ آف پاڪستان پينشنرز ايڪشن ڪميٽي (سنڌ) جي سينيئر وائس چيئرمين آغا بشير ترين، احسان احمد شيخ ۽ نياز احمد سومرو گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آهي ته نيشنل بينڪ جا هزارين رٽائرڊ پينشنرز گذريل 16 سالن کان پنهنجي قانوني حقن جي حصول لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر بينڪ انتظاميا اڄ تائين سندن جائز مطالبن تي عملدرآمد نه ڪيو آهي.

هنن چيو ته پارليامينٽ پاران 2010ع کان 2026ع تائين منظور ڪيل بجيٽ موجب پينشن ۾ واڌ، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ۽ ميڊيڪل الائونس جي ادائيگي اڃا تائين نه ٿيڻ سبب هزارين پينشنرز سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. سندن چوڻ هو ته بينڪ انتظاميا جي لاپرواهي ۽ دير سبب ڪيترائي رٽائرڊ ملازم پنهنجا قانوني حق حاصل ڪرڻ کان محروم آهن.

رهنمائن وڌيڪ چيو ته تازو بلوچستان جي ضلعي مستونگ سان تعلق رکندڙ هڪ پينشنر به پنهنجن واجبات جي ادائيگي جو انتظار ڪندي لاڏاڻو ڪري ويو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي. هنن چيو ته اهو صرف هڪ فرد جو معاملو نه، پر هزارين رٽائرڊ ملازمن، بيوه عورتن ۽ فيملي پينشنرز جي دردناڪ صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪي مهانگائي ۽ معاشي بحران سبب سخت مالي تڪليفن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.

بيان موجب ڪيترائي پينشنرز پنهنجي علاج، روزاني خرچن ۽ گهر جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان به قاصر آهن، جڏهن ته ميڊيڪل الائونس نه ملڻ سبب بيمار پينشنرز کي علاج ڪرائڻ ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رهنمائن چيو ته قانوني طور منظور ٿيل سهولتن کان محروم رکڻ ڪنهن به صورت ۾ انصاف نه آهي.

نيشنل بينڪ آف پاڪستان پينشنرز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا فوري طور قبول نه ڪيا ويا ته ڪراچي ۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي هيڊ آفيس آڏو ملڪ گير احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن مان پينشنرز شرڪت ڪندا.

هنن چيو ته احتجاج جو مقصد ڪنهن اداري کي نقصان پهچائڻ نه، پر پنهنجا قانوني ۽ آئيني حق حاصل ڪرڻ آهي. سندن چوڻ هو ته پينشنرز ڪيترن ئي سالن تائين بينڪ جي خدمت ڪئي، تنهن ڪري رٽائرمينٽ کان پوءِ سندن حقن جي ادائيگي ۾ دير ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي.

آخر ۾ اڳواڻن وفاقي حڪومت، ناڻي واري وزارت ۽ نيشنل بينڪ جي اعليٰ انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته پينشنرز جا سمورا رهيل واجبات، بجيٽ واڌ، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ادائيگيون ۽ ميڊيڪل الائونس بنا دير جاري ڪيا وڃن. هنن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته ذميوار عملدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به رٽائرڊ ملازم کي پنهنجي جائز حقن لاءِ سالن تائين جدوجهد نه ڪرڻي پوي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڪراچي ۾ دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائڻ تي حاجي انور جعفري پاران پاڪ رينجرز ۽ سيڪيورٽي فورسن کي ڀيٽا
Next Article 190 ملين پائونڊ ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل، سزا معطل ڪرڻ جي درخواست
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

تازھ ترين

سنڌ اسيمبلي ۾ انجنيئرن جي ٽيڪنيڪل الائونس جو معاملو، فوري نفاذ جو مطالبو

کراچی()انجنيئرز پاڪستان جي چيئرمين انجنيئر عادل عسڪري سنڌ اسيمبلي جي فلور تي انجنيئرن جي ٽيڪنيڪل الائونس جو معاملو اٿاريندي ان…

1 Min Read
تازھ ترين

ڈسٹرکٹ کونسل سکھر کا 5.39 ارب روپے سے زائد کا بجٹ پیش، 20 کروڑ روپے سے زائد خسارے کا تخمینہ

سکھر (دانش راجپوت): ڈسٹرکٹ کونسل سکھر کے چیئرمین سید کمیل حیدر شاہ نے مالی سال 2026-27 کا بجٹ اجلاس منعقد…

3 Min Read
پاڪستانتازھ ترين

قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي سڏ تي اڄ ٽئين ڏينهن به سنڌ جي وحدت خلاف سازشن، قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ، ڪئنال منصوبن، زمينن تي قبضي، 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن، توڙي حيدرآباد ۾ وڌندڙ منشيات ۽ ڏوهن خلاف نسيم نگر چوڪ، قاسم آباد ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. احتجاج دوران سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ جي اڳواڻي ضلعي صدر قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد نذير بليدي ڪئي، جڏهن ته نائب صدر بابو…

3 Min Read
تازھ ترين

One Day Noticed, Politicians Wary Resignation Timetable

Good web design has visual weight, is optimized for various devices, and has content that is prioritized for the medium.…

4 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?