اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي سزا معطل ڪرڻ ۽ آزاديءَ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران سزا معطل ڪرڻ واريون اپيلون رد ڪرڻ انصاف جي تقاضائن جي ابتڙ هو. درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته عدالت درخواست کي ٻڌڻي لائق قرار ڏيڻ باوجود ڪيس جي اهم قانوني نڪتن کي نظرانداز ڪيو.
درخواست موجب قيد دوران عمران خان کي نظر جي تڪليف پيش آئي، جنهن سبب کيس علاج لاءِ جيل کان ٻاهر منتقل ڪيو ويو. ان کان علاوه، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ٻنهي کي صحت جا سنگين مسئلا درپيش آهن، پر ان باوجود کين آزادي نه ڏيڻ ناانصافي آهي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکڻ سبب شديد ذهني اذيت کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته سزا معطل ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو ڄاڻي واڻي دير سان ڪيو ويو. درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته ٽرائل دوران کين ضمانت به ملي چڪي هئي ۽ سندن خلاف لڳايل الزام به بي بنياد قرار ڏنا ويا هئا.
سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سزا معطل ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو ڪندي عدالت قانون موجب ڪيس جي بنيادي نڪتن جو جائزو وٺي سگهي ٿي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ابتدائي ثبوتن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ درخواست رد ڪرڻ قانوني طور درست نه هو.
درخواست ۾ اهو به الزام لڳايو ويو آهي ته نيب بار بار مهلت وٺي اپيل جي ڪارروائي ۾ دير پيدا ڪئي، جنهن سبب انصاف جي فراهمي متاثر ٿي.
پي ٽي آءِ جي درخواست موجب عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاري جو طريقو غير قانوني ۽ غير ذميواراڻو هو، جڏهن ته اڳ ۾ هڪ اعليٰ عدالت غير قانوني گرفتاري جي بنياد تي سندن آزادي جو حڪم پڻ جاري ڪري چڪي هئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته احتساب جي نالي تي سياسي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وئي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نيب قانونن ۾ ٿيل ترميم کانپوءِ حتمي اپيل ٻڌڻ جو اختيار آئيني عدالت کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته موجوده اپيل ۾ آئيني عدالت جو ذڪر موجود ناهي، تنهن ڪري سزا معطل ڪرڻ واري اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ئي ٻڌڻي لائق آهي.
آخر ۾ سپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل ڪئي وڃي ۽ ٻنهي جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا وڃن.
