• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ايس ايس او پاران “جديد ٽيڪنالاجي جو نوجوانن جي ترقي ۽ مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار” بابت ليڪچر، مصنوعي ذهانت جي اهميت تي زور
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ايس ايس او پاران “جديد ٽيڪنالاجي جو نوجوانن جي ترقي ۽ مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار” بابت ليڪچر، مصنوعي ذهانت جي اهميت تي زور

admin
Last updated: June 29, 2026 10:21 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي: سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (ايس ايس او) جي اهتمام هيٺ سچل آرڪيڊ ۾ “جديد ٽيڪنالاجي جو نوجوانن جي ترقي ۽ مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار” جي عنوان سان هڪ فڪري ليڪچر منعقد ڪيو ويو، جنهن کي محمد علي ابڙو خطاب ڪيو. تقريب ۾ شاگردن، نوجوانن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

محمد علي ابڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ خاص طور مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence – AI) نوجوانن جي مستقبل لاءِ بيشمار نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ٽيڪنالاجي رڳو سهولتن جو ذريعو نه رهي آهي، پر اها تعليم، روزگار، تحقيق، ڪاروبار ۽ سماجي ترقي جو اهم بنياد بڻجي چڪي آهي.

هن چيو ته اڄ جو نوجوان صرف روايتي تعليم تائين محدود نه رهيو آهي، پر جديد ڊجيٽل اوزارن ۽ آن لائن وسيلن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ موجود علم، مهارتن ۽ روزگار جي موقعن تائين آساني سان پهچي سگهي ٿو. هن زور ڏنو ته موجوده دور ۾ صرف ڊگري حاصل ڪرڻ ڪاميابي جي ضمانت ناهي، پر ان سان گڏ ڊجيٽل مهارتون، تخليقي سوچ، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مسلسل سکڻ جو جذبو به لازمي آهي.

محمد علي ابڙو چيو ته فري لانسنگ، آن لائن تعليم، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، سافٽ ويئر ڊولپمينٽ، ويب ڊزائننگ، گرافڪ ڊيزائننگ ۽ ٻين جديد شعبن نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان در کوليا آهن، جتي هو پنهنجي قابليت جي بنياد تي عالمي سطح تي ڪم ڪري سگهن ٿا.

مصنوعي ذهانت (AI) بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هي ٽيڪنالاجي تعليم، صحت، تحقيق، زراعت، صنعت ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ انقلاب آڻي رهي آهي. هن چيو ته AI انساني صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ ڪم کي وڌيڪ تيز ۽ مؤثر بڻائڻ جو اهم ذريعو آهي، پر ان جو استعمال ذميواري، اخلاقي قدرن ۽ مثبت مقصدن تحت ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ دور انهن نوجوانن جو هوندو، جيڪي صرف ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ تائين محدود نه رهندا، پر ان جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪري، نيون مهارتون سکندا ۽ ان کي پنهنجي سماج ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪارائتي نموني استعمال ڪندا.

محمد علي ابڙو ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ٽيڪنالاجي پاڻ ۾ ڪاميابي نه آهي، پر ان جو صحيح، ذميواراڻو ۽ تخليقي استعمال ئي انسان کي ڪاميابي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪي قومون پنهنجي نوجوانن کي جديد علم، ڊجيٽل مهارتن ۽ بدلجندڙ عالمي ضرورتن مطابق تيار ڪنديون، مستقبل انهن جو هوندو.

تقريب دوران شرڪت ڪندڙن جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائن روزگار ۽ مستقبل جي چئلينجن بابت مختلف سوال پڇيا، جن جا محمد علي ابڙو تفصيلي جواب ڏنا. سوال جواب واري سيشن ۾ نوجوانن وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ذوالفقار ابڙو، گلاب راءِ، دسرت آنباڻي، مهيش، وريندر، راجا نند چيلاڻي، پرشوتم ۽ ٻين دوستن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سکڻ، ڊجيٽل مهارتن ۾ اضافو ڪرڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پهرين جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ مون سون برساتن جي اڳڪٿي، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري ٻوڏ جو خدشو
Next Article قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي ميچ فيس ۾ واڌ، پي ايس ايل 12 جي بجيٽ به منظور
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي دوري دوران ترڪ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ پاڪستان…

By admin
3 Min Read

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت پاران هلائي ويندڙ ڪوڙي…

July 4, 2026

ڀارت جي ڪوڙي پروپيگنڊا کي سخت ڌڪ، فاروق آباد ۾ سک برادري جي ڌرم شالا جي ڪريل ڀت ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اعلان

فاروق آباد (شيخوپوره): پاڪستان خلاف ڀارت…

July 4, 2026

وزيراعظم شهباز شريف ايران جي دوري کانپوءِ ترڪي پهچي ويو

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ايران جي…

July 4, 2026

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي

حيدرآباد (رپورٽ: محبوب حسين بوزدار): گورنمينٽ…

July 4, 2026

سرگوڌا واقعي ۾ 7 ورهين جي نينگري سان زيادتي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، حڪومت سان گڏ والدين جي به ذميواري آهي: مريم نواز

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير مريم…

July 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

پاڪستان دنيا ۾ چمڪي رهيو آهي، ڀارت ۾ ناڪامي ۽ رسوائي: عطا تارڙ

اسلام آباد: وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان هن وقت عالمي سطح تي نمايان حيثيت حاصل…

2 Min Read
پاڪستان

عمران خان سزا ڀوڳيندو، ڪوبه اين آر او نه ملندو: گورنر خيبرپختونخوا

پشاور: خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان ڳالهيون ٿيون…

2 Min Read
پاڪستان

ڊسٽرڪٽ ايسٽ پوليس، ڪراچي تاريخ: 26 مارچ 2026

يسٽ زون، سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس جو رات دير سان فقيرا ڳوٺ ۾ جوابدارن سان فائرنگ جو مقابلوٻطرفي فائرنگ…

1 Min Read
پاڪستان

حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري: شيخ رشيد

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت رڳو گاڏين وارن کي سهولتون نه ڏئي، ريڙهي وارن کي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?