• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ايس ايس او پاران “جديد ٽيڪنالاجي جو نوجوانن جي ترقي ۽ مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار” بابت ليڪچر، مصنوعي ذهانت جي اهميت تي زور
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ايس ايس او پاران “جديد ٽيڪنالاجي جو نوجوانن جي ترقي ۽ مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار” بابت ليڪچر، مصنوعي ذهانت جي اهميت تي زور

admin
Last updated: June 29, 2026 10:21 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي: سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (ايس ايس او) جي اهتمام هيٺ سچل آرڪيڊ ۾ “جديد ٽيڪنالاجي جو نوجوانن جي ترقي ۽ مستقبل سنوارڻ ۾ ڪردار” جي عنوان سان هڪ فڪري ليڪچر منعقد ڪيو ويو، جنهن کي محمد علي ابڙو خطاب ڪيو. تقريب ۾ شاگردن، نوجوانن ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

محمد علي ابڙو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ خاص طور مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence – AI) نوجوانن جي مستقبل لاءِ بيشمار نوان موقعا پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ٽيڪنالاجي رڳو سهولتن جو ذريعو نه رهي آهي، پر اها تعليم، روزگار، تحقيق، ڪاروبار ۽ سماجي ترقي جو اهم بنياد بڻجي چڪي آهي.

هن چيو ته اڄ جو نوجوان صرف روايتي تعليم تائين محدود نه رهيو آهي، پر جديد ڊجيٽل اوزارن ۽ آن لائن وسيلن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ موجود علم، مهارتن ۽ روزگار جي موقعن تائين آساني سان پهچي سگهي ٿو. هن زور ڏنو ته موجوده دور ۾ صرف ڊگري حاصل ڪرڻ ڪاميابي جي ضمانت ناهي، پر ان سان گڏ ڊجيٽل مهارتون، تخليقي سوچ، مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ مسلسل سکڻ جو جذبو به لازمي آهي.

محمد علي ابڙو چيو ته فري لانسنگ، آن لائن تعليم، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، سافٽ ويئر ڊولپمينٽ، ويب ڊزائننگ، گرافڪ ڊيزائننگ ۽ ٻين جديد شعبن نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان در کوليا آهن، جتي هو پنهنجي قابليت جي بنياد تي عالمي سطح تي ڪم ڪري سگهن ٿا.

مصنوعي ذهانت (AI) بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هي ٽيڪنالاجي تعليم، صحت، تحقيق، زراعت، صنعت ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ انقلاب آڻي رهي آهي. هن چيو ته AI انساني صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ ڪم کي وڌيڪ تيز ۽ مؤثر بڻائڻ جو اهم ذريعو آهي، پر ان جو استعمال ذميواري، اخلاقي قدرن ۽ مثبت مقصدن تحت ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ دور انهن نوجوانن جو هوندو، جيڪي صرف ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ تائين محدود نه رهندا، پر ان جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪري، نيون مهارتون سکندا ۽ ان کي پنهنجي سماج ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪارائتي نموني استعمال ڪندا.

محمد علي ابڙو ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ٽيڪنالاجي پاڻ ۾ ڪاميابي نه آهي، پر ان جو صحيح، ذميواراڻو ۽ تخليقي استعمال ئي انسان کي ڪاميابي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪي قومون پنهنجي نوجوانن کي جديد علم، ڊجيٽل مهارتن ۽ بدلجندڙ عالمي ضرورتن مطابق تيار ڪنديون، مستقبل انهن جو هوندو.

تقريب دوران شرڪت ڪندڙن جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائن روزگار ۽ مستقبل جي چئلينجن بابت مختلف سوال پڇيا، جن جا محمد علي ابڙو تفصيلي جواب ڏنا. سوال جواب واري سيشن ۾ نوجوانن وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ذوالفقار ابڙو، گلاب راءِ، دسرت آنباڻي، مهيش، وريندر، راجا نند چيلاڻي، پرشوتم ۽ ٻين دوستن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي سکڻ، ڊجيٽل مهارتن ۾ اضافو ڪرڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مثبت رخ ۾ استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article پهرين جولاءِ کان سڄي ملڪ ۾ مون سون برساتن جي اڳڪٿي، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري ٻوڏ جو خدشو
Next Article قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جي ميچ فيس ۾ واڌ، پي ايس ايل 12 جي بجيٽ به منظور
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15 ورهين جي يتيم ٻار…

October 21, 2026

ملتان ۾ يتيم ٻار کي گاڏي هيٺان چيڀاٽي قتل ڪندڙ مک جوابدار توقير نذير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ 15…

October 21, 2026

پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي ۽ آبي حقن جي ڀڃڪڙي کي جنگي قدم سمجهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز…

October 21, 2026

پاڪستان جو ڀارت ۾ شيڊيول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2027 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اوور…

October 21, 2026

لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي پارڪنگ ملازم کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي چاقو جا وار ڪري ساٿي سوڌو فرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پارڪنگ اسٽينڊ جي ملازم کان…

October 21, 2026

You Might Also Like

علاقائي

سکر صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھ نيو بس ٽرمينل روھڙي جو باقاعدہ افتتاح ڪري ڇڏيو،

سکر صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاھ نيو بس ٽرمينل روھڙي جو باقاعدہ افتتاح ڪري ڇڏيو، انھيءَ موقعي تي…

5 Min Read
پاڪستان

سنڌي ادبي سنگت مٽياريءَ پاران محمد علي ميرجت ۽ عبدالرزاق ميمڻ جي نياڻيءَ جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

سنڌي ادبي سنگت شاخ مٽياريءَ پاران سنڌ سونھاريءَ جي ھڪ بيحد سھڻي سرجڻھار محمد علي مير جت جي ۽ سنڌي…

2 Min Read
پاڪستان

نوشهروفيروز ۾ دڪاندار جو مبينا تشدد ۽ ڊيوائس کسي وڃڻ خلاف احتجاج، انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو

نوشهروفيروز: ڊر نوشهروفيروز جي شاهی بازار ۾ آمين ڪميونيڪيشن جو مالڪ ماجد علي مغل نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي ميڊيا…

1 Min Read
پاڪستان

وڇڙي ويل عورت کي سکر پوليس وارثن سان ملائي ڇڏيو

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?