ڪراچي: پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ڀر ۾ في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمتن ۾ نمايان لاٿ آئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 2 هزار 300 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون 4 لک 28 هزار 936 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ايسوسيئيشن موجب 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 1 هزار 972 رپين جي گهٽتائي آئي آهي، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون جو نئون اگهه 3 لک 67 هزار 743 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ لاٿ ڏٺي وئي آهي، جتي في اونس سون 23 آمريڪي ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 65 آمريڪي ڊالر تي پهچي ويو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمتن ۾ ٿيندڙ تبديليون سڌي ريت پاڪستان جي مقامي مارڪيٽ تي به اثرانداز ٿين ٿيون، جنهن سبب ملڪي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهن ۾ گهٽتائي يا واڌ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
