مانسهره: گهمڻ لاءِ ناران آيل چئن دوستن کي درياءِ ڪنهار ۾ وڊيو ٺاهڻ جي ڪوشش مهانگي پئجي وئي، جتي سندن گاڏي تيز وهڪري ۾ وهي وئي.
پوليس موجب، دوست وڊيو ٺاهڻ لاءِ گاڏي کي درياهه مان گذارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر پاڻي جي تيز وهڪري سبب گاڏي ڪنٽرول کان نڪري وهي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيم بروقت ڪارروائي ڪندي چئن ئي دوستن کي محفوظ طور بچائي ورتو.
ڊي ايس پي صداقت خان چيو ته درياهه ۾ وهي ويل گاڏي کي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
