رياض: يمن ۾ سعودي عرب جي اڳواڻي هيٺ قائم فوجي اتحاد حوثي باغين کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب کي نشانو بڻائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو ڀرپور ۽ غيرمعمولي طاقت سان جواب ڏنو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ان کان اڳ يمني حوثي تحريڪ سعودي عرب تي يمني فضائي حدن جي مبينا ڀڃڪڙي جا الزام لڳايا هئا. حوثين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهي مبينا خلاف ورزيون جاري رهيون ته هو سعودي عرب جي هوائي اڏن ۽ خشڪي توڙي سمنڊ ۾ موجود اهم تنصيبات کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.
حوثي اڳواڻن جي انهن بيانن کان پوءِ سعودي اتحاد پنهنجو ردعمل جاري ڪيو. اتحاد پنهنجي بيان ۾ چيو ته سعودي عرب جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي حملي يا حملي جي ڪوشش کي سنجيدگي سان ورتو ويندو.
سعودي اتحاد زور ڀري چيو ته جيڪڏهن سعودي عرب کي نشانو بڻائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو فوري، ڀرپور ۽ غيرمعمولي طاقت سان جواب ڏنو ويندو، ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ اهم تنصيبات جي حفاظت لاءِ ضروري سمورا قدم کنيا ويندا.
هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن علائقي ۾ اڳ ئي سيڪيورٽي خدشن ۽ ڇڪتاڻ ۾ واڌ بابت خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. سعودي اتحاد ۽ حوثي باغين وچ ۾ جاري تڪرار گذريل ڪيترن ئي سالن کان علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ اهم چئلينج بڻيل آهي.
واضح رهي ته هي بيان لاڳاپيل ڌرين جي سرڪاري موقفن تي ٻڌل آهن. زميني صورتحال ۽ واقعن بابت آزاد ذريعن کان مڪمل تصديق هر صورت ۾ ممڪن نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته علائقي جي صورتحال تي عالمي برادري به ويجهي نظر رکي رهي آهي.
