وزيراعظم جي خصوصي رليف اسڪيم جي لاءِ موٽر سائيڪل، رڪشه، چنگچي ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏي جي مالڪن کي في ليٽر 100 روپيه سستي پيٽرول جي فراهمي لاءِ جديد ترين ڊيجيٽل سسٽم کي فعال ڪيو ويو آهي.
آءِ ٽي واري وزارت وزيراعظم پاڪستان جي عوامي عزم ۽ سخت اقتصادي حالتن ۾ پورهيت طبقي کي رليف ڏيڻ جي هدايتن تي عمل ڪندي صوبائي کاتن نادرا ۽ ٽيليڪام آپريٽرز جي تعاون سان هڪ گڏيل ۽ خودڪار ڊيجيٽل سسٽم تيار ڪيو آهي.
انهي خصوصي اسڪيم جو مقصد موٽر سائيڪل، رڪشه، چنگچي ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏي مالڪن کي مهانگي پيٽرول جي بار کان بچائڻ ۽ شفاف طريقي سان سبسڊي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ آهي. انهي اسڪيم جي تحت مستحق شهرين کي في ليٽر پيٽرول تي 100 روپين جي رعايت ڏني ويندي. موٽر سائيڪل ۽ چنگچي جي لاءِ ماهوار 20 ليٽر، جڏهن ته 800 سي سي تائين جي گاڏين لاءِ ماهوار 30 ليٽر رعايتي پيٽرول جي حد مقرر ڪئي وئي آهي، صوبائي ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز جي شعبن سان گڏجي گاڏين جي تصديق جو عمل مڪمل طور تي خودڪار بنايو ويو آهي.
